سنڌ جون خبرونقومي خبرون

ميرواهه گورچاڻي ڀرسان رستو برساتي پاڻي ۾ ٻڏل: گاڏي ڦاسي پئي: ڳورهاري عورت فوت

ميرواھه گورچاڻي ميرواھ گورچاڻي ڀرسان تعلقي ڪوٽ غلام محمد جي ديھه 256 جي ڳوٺ گلشير گورچاڻي ۾ برسات سبب ڳوٺ جي ڪچي رستي ۾ گپ هئڻ سبب ڊليوري لاءِ گاڏي تي ويندڙ چار ٻارڙن جي ماءُ 35 ورهين جي گلنشاءِ زال عنايت علي گورچاڻي تڙپي تڙپي پيٽ ۾ موجود ٻار سميت فوت ٿي وئي، سندس وارثن موجب ته ڳوٺ جو ڪچو رستي ۾ برسات جو پاڻي هجڻ ۽ گپ سبب ڪار ڦاسي پئي،  ڀرواري ڳوٺ مان ٽريڪٽر ٽرالي گهرائي عورت کي کڻي ويا سين ته هو رستي ۾ ئي تڙپي تڙپي ٻار سميت فوت ٿي وئي،هوڏانهن ڳوٺاڻن عباس علي، حنيف گورچاڻي، جان محمد گورچاڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان جو ڳوٺ قديمي انگريزن جي دور کان اڳ جو آباد  آهي پر هن جديد دور ۾ به پڪي رستي جهڙي سهولت کان محروم آهي برسات سبب ايمرجنسي ۾ گاڏيون ڦاسي پون ٿيون پر چونڊيل نمائندن آڏو  ڳوٺ لاءِ ٻه ڪلوميٽر رستي لاءِ ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون پر تدارڪ ناهي ٿيو.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button