سنڌ جون خبرونعالمي
جسقم ضلعي دادو جي صدر منصور جمالي ،جساف اڳواڻ دريا خان پنهور سميت ٻين ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل

جسقم ضلعي دادو جي صدر منصور جمالي ،جساف اڳواڻ دريا خان پنهور سميت ٻين ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف جسقم ڪنڌڪوٽ پاران ھڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پھتي جتي اڳواڻن والي ڏنو سنڌي حفيظ سنڌي رفيق لاشاري مختيار سنڌي بشير خان آفتاب سنڌي بشام سنڌي پرويز سنڌي خطاب ڪندي چيو ته دادو پوليس پنهنجو قبلو درست ڪري قومي ڪارڪن ننڌڻڪا ناهن،
قومي ڪارڪنن تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن سرڪار کي روز جي بنياد تي ٿيندڙ قتل اغوا ڦرون نظر نٿيون اچن،
پرامن قومي ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا،
جنهنجي سخت لفظن ۾ مزمت ڪريون ٿا۔