سنڌ جون خبرونقومي خبرون
قمبر شھدادڪوٽوڳڻ ۾ ھڪ ڏينهن اڳ ڳوٺ سچيڏنو چانڊيو واسي نوجوان ياسين چانڊيو کان ڦر ٿيل موٽرسائيڪل

قمبر شھدادڪوٽوڳڻ ۾ ھڪ ڏينهن اڳ ڳوٺ سچيڏنو چانڊيو واسي نوجوان ياسين چانڊيو کان ڦر ٿيل موٽرسائيڪل پوليس واپس ڪرائي مالڪن حوالي ڪئي ، شهرين معشوق چانڊيو ، حاڪم چانڊيو ۽ ٻين پوليس عملي کي گلن جا هار پارايا ويا ، ان موقعي تي ايس ايڇ وڳڻ سيد وريل شاھ ٻڌايو تہ ڳجهي اطلاع تي پوليس نفري ۾ وڏو منشي امير جان مگسي ، علي حيدر ڪلهوڙو ، عبدالرشيد ابڙو ۽ ٻيا ساڻ ڪري ڦال موري روڊ وٽان ڪاروائي ڪئي وئي ڦورو پوليس کي ڏسي موٽرسائيڪل ڇڏي فرار ٿي ويا ،هٿ آيل موٽرسائيڪل مالڪن حوالي ڪئي آهي ڏوهارين خلاف سخت قدم کڻي رهيا آهيون پوليس هر حالت ۾ امن و امان بحال رکندي چورن ۽ ڏوهارين جو صفايو ڪيو ويندو