ڪنڌڪوٽ ضلعي ڪائونسل سال 26-2025 جي بجٽ پيش ڪئي .

ڪشمور ضلعي جو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو اجلاس ضلعي چئيرمين گل محمد جکراڻي ۽ وائس چئيرمين الطاف خان کوسو جي صدارت ۾ ٿي گزريو .
اجلاس جي شروعات شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، مير هزار خان بجاراڻي ۽ ٻين شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا سان ڪيو ويو .
ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪشمور جي بجٽ ضلعي چئيرمين گل محمد جکراڻي ايڪهٺ ڪروڙ ايڪهتر لک ٻياسي هزار هڪ سو ايڪتاليه روپيا جي بجٽ پيش ڪئي . جنهن ۾ خرچ جو تخمينو ايڪهٺ ڪروڙ ستهٺ لک ٽيهه هزار ٻه سو اٺهتهر روپيا رکيو ويو آهي جڏهن ته بچت چار لک ايڪونجهه هزار اٺ سو ٽيه روپيا رکي وئي . پگهار ۽ پينشن ٻاويهه ڪروڙ پنجٺه لک روپيا قدرتي آفتن لاء ويه لک , سينيٽشن ٻه ڪروڙ روپيا , گاڏين جي رپئير لاء پنجويھ لک , نوان ترقياتي ڪمن لاء چوويهه ڪروڙ پريس ڪلب لاء سترانھ لک غريب ماڻهن جي مالي مدد لاء چاليه لک روپيا اسڪالرشپ لاء ستر لک روپيا , ويل چئير ڏه لک ,نلڪن جي مد ۾ پنج لک، مليريا جي اسپري ۽ دوائن لاء ويھ لک ويھ، سلائي مشين لاء پنج لک، لائبريريون جي قيام لاء ٽيھ لک، راندين لاء ڏه لک، ميلا فيسٽيول لاء ڏه لک، سروس دوران فوت ٿيندڙ ملازمن لاء سٺھ لک، ان موقعي تي ضلعي چئيرمين گل محمد جکراڻي وائس چئير مين الطاف خان کوسو جو چوڻ هو ته اسان جي آمدني جو خاص ذريعو او ذيڊ ٽي شيئر آهي جيڪا گورمينٽ کان ملي ٿي پنهنجي ضلعي جي آمدني وڌائڻ لاء درخواست ڪندا سين. جيتري قدر ترقياتي ڪمن جو تعلق آهي ته بجٽ ۾ خاص رقم رکي وئي آهي ترقياتي ڪمن جي حوالي سان اها تجويز ڏجي ٿي ته هر چونڊيل ميمبر کي ويھ لک جون اسڪيمون ڏنيون وينديون ته جئين وڌ کان وڌ ڪشمور واسين جي خدمت ڪري سگهجي . ضلعي چئيرمين گل محمد جکراڻي ۽ وائس چئيرمين الطاف خان کوسو جي صدارت هيٺ اڪٽريت راء سان سال 2025-26 جي بجٽ جي منظوري ڏني وئي .