دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرون
منڇر ڪنڌيءَ لڳل 60 کان مٿي آر او پلانٽ خراب

ڀان سيدآباد: منڇر ڪنڌيءَ تي لڳل 60 کان مٿي آر او پلانٽ خراب، منڇر ۽ ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا پئسن تي پاڻي وٺڻ تي مجبور، منڇر ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ 60 کان مٿي آر او پلانٽ لڳل آهن، جيڪي سمورا خراب پيل آهن، نتيجي ۾ علائقي واسي پيئڻ جي صاف ۽ مٺي پاڻيءَ کان محروم بڻيل آهن، ڳوٺاڻن ٻڌايو ته آبپاشي کاتي سيوهڻ، پاڪ اوسز ۽ آر بي او ڊي پراجيڪٽ هيٺ لڳايل آر اوز جي مرمت نه ٿي ڪرائي وڃي، جنهن سبب اهي رهواسين ڪارآمد ناهن رهيا.