گاجي کهاوڙ ڀرسان ڌامراھه واھه کي 70 فٽ گهارو، فصل ٻڏي ويا، پاڻي ڳوٺ ۾ داخل

گاجي کهاوڙ گاجي کهاوڙ ڀرسان ڌامراھ واھ کي ڳوٺ کڏھري وٽان 70 فوٽن کان وڌيڪ گهارو لڳي ويو، جنھن سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل سارين جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، ڳوٺ کڏھري ۾ پاڻي ڪاھي پيو ڪيترن ئي گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ گهاري کي ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي آبادگارن جاويد ڏيپر اختيار ڏيپر مشتاق کهاوڙ وحيد چانڊيو صابر ڏيپر ۽ ٻين چيو ته اسان انجنيئر کي ڪافي دفعا فون ڪري ٻڌايو آھي پر ڪافي ڪلاڪ گذرڻ باوجود آبپاشي عملو نه پهتو گهاري سبب پاڻي علائقي کي ٻوڙي ڇڏيو آھي اسان جا تازا سارين جا ٿيل رونبا ٻڏي ويا آھن ۽ سارين جا ٻيجارا ٻڏي تباهه ٿي ويا آھن هنن مطالبو ڪيو ته گهارو بند ڪرايو وڃي، ٻئي طرف انجنيئر رائس ڪئنال محمد سليم ٽانوري چيو ته ڌامراهه واهه کي لڳل گهاري کي بند ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر، ٽراليون ۽ ٻيو سامان گهرائي گهاري کي بند ڪرڻ جي ڪوشش جاري آھي جلد گهارو بند ڪيو ويندو.