Businessسنڌ جون خبرونصحتقومي خبرون

ڪراچي منشيات سان ڀريل آهي، منشيات فروشن کان رڳو 50 گرام چرس ڇو ٿو ملي؟ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته ڪراچي شهر منشيات سان ڀريل آهي، تعليمي ادارن ۾ منشيات وڪرو ٿي رهي آهي، منشيات جا عادي (موالي) فلاءِ اوور هيٺيان سمهيل هوندا آهن، جوابدار (منشيات فروش) پڪڙجڻ تي منشيات جي رڪوري 50 گرام ۽ سپلائر ( ڊيلر) پڪڙڻ تي منشيات رڳو 500 گرام ڏيکاري ويندي آهي. ڪالهه هڪ شهري بختي روان خلاف منشيات جا 24 ڪيس داخل ڪرڻ واري معاملي جي ٻڌڻي دوران ڪراچي جو ايڊيشنل آءِ جي جاويد اوڍو عدالت ۾ پيش ٿيو. جنهن تي عدالت پڇيو ته اسان آءِ جي کي طلب ڪيو هو، اهو ڪٿي آهي؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته آءِ جي اسلام آباد ۾ آهي. عدالت آءِ جي سنڌ طرفان پيش نه ٿيڻ تي ناراضپو ظاهر ڪندي چيو ته  آءِ جي سنڌ کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري رهيا آهيون، آءِ جي صاحب عدالت اچڻ بدران اسلام آباد وڃڻ کي وڌيڪ اهم سمجهيو. جنهن تي سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته عدالت جي حڪمن تي عمل ڪيو ويو آهي، 2  ڏينهن ڏيو، آءِ جي سنڌ عدالت ۾ پيش ٿيندو. جنهن تي عدالت چيو ته اسان وقت ڏيڻ لاءِ نه پر فيصلو ڪرڻ لاءِ ويٺا آهيون. سرڪاري وڪيل چيو ته آءِ جي سنڌ ايمرجنسي ۾ اسلام آباد ويو آهي. جنهن تي عدالت پڇيو ته اهڙي ڪهڙي ايمرجنسي هئي جو آءِ جي سنڌ کي سڏيو ويو آهي؟ اسان ٻڌڻي لاءِ وقت مقرر ڪيو هو، اسين فيصلو ڏئي رهيا آهيون، توهان انهي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪريو. ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل جوابدار خلاف داخل 23 ڪيسن بابت رپورٽ جمع ڪرائي. ڊي آءِ جي اوڀر ٻڌايو ته درخواست ڏيندڙ خلاف 27 ڪيس آهن، جن ۾ اڪثر منشيات جا آهن، درخواست ڏيندڙ عدالت ۾ غلط بيان ڏنو ته کيس اڳ ڪڏهن به گرفتار نه ڪيو ويو آهي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هر ڀيري جوابدار ڀڄي ويندو آهي ۽ منشيات ڇڏي ويندو آهي. جنهن تي ڊي آءِ جي ٻڌايو ته جوابدار بختي روان کي 3 ڪيسن ۾ سزا ٿي چڪي آهي، هو 10ڪيسن ۾ بري ٿي چڪو آهي، 11 ڪيس ٽرائل هيٺ آهن، جوابدار جي پٽن خلاف به منشيات جا ڪيس آهن. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل آءِ جي چيو ته وفاقي حڪومت اي اين ايف کي منشيات روڪڻ جي ذميواري سونپي آهي، هن چيو ته منشيات ڊيلر سنڊيڪيٽ ۾ ڪم ڪن ٿا، جوابدارن جي گرفتاري باوجود منشيات جو وڪرو بند نه ٿيندو آهي، منشيات فروشن جو سڄو خاندان منشيات وڪرو ڪري ٿو، ماڻهو منشيات فروشن بابت معلومات ڏيڻ کان ڊڄن ٿا. عدالت چيو ته پوليس جا شاهد ته هوندا آهن، اسان جو سوال اهو هو ته منشيات فروشن وٽان وڏي مقدار ۾ منشيات ڇو نٿي هٿ اچي؟ جنهن تي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي چيو ته اهي سنڊيڪيٽ ۾ ڪم ڪن ٿا،  ائين ناهي ته سندن سڀ سامان (منشيات) هڪ جاءِ تي رکيل هجي. جنهن تي عدالت چيو ته لڳي ٿو ته توهان جي معلومات حقيقتن جي مطابق ناهي. ايڊيشنل آءِ جي  چيو ته شهر ۾ منشيات جي فراهمي گهٽجي آهي، جنهن تي عدالت چيو ته منشيات جي فراهمي کي وڌيڪ گهٽايو، منشيات ڪيسن ۾  رڳو غريب نه پر اعليٰ تعليم يافته جوابدار به ايندا آهن، جيڪڏهن  صحيح ڪم نه ڪيو ويو ته مستقبل تباهه ٿي ويندو، جيڪي ٻار آئيس استعمال ڪري عملي ميدان ۾ ايندا، انهن جو مستقبل ڇا هوندو؟ منشيات جي روڪٿام اسان سڀني جي ذميواري آهي، تعيمي ادارن ۾ منشيات جي روڪٿام کي ترجيح ڏيو. ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل ضمانت جي درخواست واپس وٺي ڇڏي، عدالت ضمانت جي درخواست واپس وٺڻ تي درخواست مٽائي ڇڏي.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button