ملڪ ۾ جنسي بنيادن تي تشدد جي واقعن ۾ رڪارڊ اضافو: 6 مهينن ۾ 3958 ڪيس رپورٽ

سکر ملڪ ۾ صنفي بنيادن تي تشدد جي واقعن ۾ ڳڻتي جوڳو اضافو، عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم صنفي بنياد تي تشدد متعلق ڇهن مهينن رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. جنوري کان جون سال 2024ع ۾ صنفي بنياد تي ملڪ اندر تشدد جا 1732 ڪيس رپورٽ ٿا. ساڳي عرصي دوران سال 2025ع جي ڳڻتي جوڳي اضافي سان گڏ ڇهن مهينن ۾ 3958 ڪيس رپورٽ ٿيا. گذريل سال جي ڇهن مهينن جي مقابلي ۾ عورتن تي تشدد وارن ڪيسن ۾ هن سال 128 جو اضافو ٿيو. صنفي تشدد جي روڪٿام لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم ساحل جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر برڪت علي انصاري پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ اندر ڇهن مهينن دوران 857 عورتن کي مخلتف الزامن هيٺ قتل ڪيو ويو. سال 2025ع جي ڇهن مهينن ۾ 783 عورتن کي اغوا ڪيو ويو. 638 عورتن کي تشدد، 380 جنسي حوس جو نشانو بڻايو ويو. ڇهن مهينن دوران 371 عورتن خودڪشي ڪري پنهجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، ملڪ اندر جنوري کان جون تائين 149 عورتن کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو. عورتن کي هراسان ڪرڻ، زخمي ڪرڻ، اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائڻ ۽ تيزاب سان به حملا ڪيا ويا. صنفي بنياد تي تشدد وارا 80 سيڪڙو ڪيس پنجاب ۾ رپورٽ ٿيا. 13 سيڪڙو سنڌ، 5 سيڪڙو ڪي پي ڪي، 2 سيڪڙو بلوچستان، ۽ ٻه سيڪڙو اسلام آباد، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۾ پيش آيا. عورت تي تشدد وارن رپورٽ ڪيل ڪيسن مان 79 سيڪڙو ڪيس پوليس داخل ٿيا.
سنڌ ۾ جنسي بنيادن تي تشدد جي ڪيسن ۾ ڪراچي جو پهريون نمبرسکر: سماجي تنظيم جي رپورٽ مطابق سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ صنفي بنياد تي تشدد جا 109 ڪيس ڪراچي ۾ رپورٽ ٿيا، ان بعد سانگهڙ ۾ 42، خيرپور ۽ سکر ۾ 30، 30، ٿرپارڪر 28، ميرپور خاص 23، دادو، شڪارپور ۾ 22، 22، بدين ۽ جيڪب آباد 20، 20. نوابشاهه، قمبر ۾ 18، 18. گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، نوشهروفيروز ۾ 17, 17. عمرڪوٽ 14، ڄامشورو 12، حيدرآباد، ڪشمور 11، 11. ٽنڊو محمد خان 9، ٽنڊو الهيار، ٺٽو 8.8. مٽياري ست، حيدرآباد ۾ چار ۽ ٻين ضلعن ۾ نه صنفي تشدد جا واقعا رپورٽ ٿيا. سماجي تنظيم جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر برڪت علي انصاري مطابق هي صرف اهي کيس آهن جيڪي رپورٽ ٿيا آهن. جڏهن ته ڪيترائي ڪيس اهڙا به هوندا آهن جيڪي لڪايا ويندا آهن جن کي رپورٽ ناهي ڪيو ويندو.
|
سنڌ صوبي ۾ 72 عورتن کي غيرت جي نالي تي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪيو ويو
سکر: سنڌ صوبي ۾ 169 عورتن کي قتل ڪيو ويو. 72 عورتن کي غيرت جي نالي تي ڪارنهن جي مدي خارج رسم هيٺ قتل ڪيو ويو، 125 عورتن خودڪشي ڪري پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. 27 عورتن کي اغوا ۽ 16 عورتن کي جنسي حوس جو نشانو بڻايو ويو. 11 عورتن کي اجتماعي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو. ٻن عورتن کي اغوا ڪري جنسي حوس جو نشانو بڻايو ويو. جڏهن ته هڪ عورت کي اغوا ڪري جنسي حوس جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو. اهڙي طرح عورتن مٿان تيزاب هاري يا وري ساڙڻ جا 9 ڪيس پڻ رپورٽ ٿيا آهن.
عورتن کي قتل توڙي تشدد ۾ 35 سيڪڙو جوابدار واقفڪار نڪتا
سکر: عورتن کي قتل توڙي تشدد جي مجموعي ڪيسن ۾ 35 سيڪڙو جوابدار واقفڪار هئا. 18 سيڪڙو اڻ سڃاتل، 12 سيڪڙو مڙس پنهجي زال کي تشدد جو نشانو بڻايو يا قتل ڪيو. اڪثر متاثر عورتن کي پنهجي گهر اندر نشانو بڻايو ويو.
سڀ کان وڌيڪ 21 کان 30 سالن جي عمر ۾ عورتن جا 427 ڪيس رپورٽ ٿيا
سکر: سڀ کان وڌيڪ 21 کان 30 سالن جي عمر جي عورتن تي تشدد جا 427 ڪيس رپورٽ ٿيا. 11 کان 20 سالن جي عمر جي عورتن جا 342 ڪيس، 31 کان 40 سالن جي عورتن جي عمر جا 163 ڪيس رپورٽ ٿيا.