دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرون

نفيس نگر ڀرسان ناري جو گهر مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ، ساهرن تي تشدد ڪري مارڻ جا الزام

نفيس نگرنفيس نگر ڀرسان ڳوٺ دودو ٽنگڙي ۾ 40 سالن جي ناري ورجو زال ويرم ڪولهي جو گهر اندر ڦاهو لڳل لاش  ڪيو ويو، اطلاع تي پوليس پھچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، ناري جي ڀائرن الزام لڳايو ته سندن ڀيڻ کي مڙس ۽ ساهورن تشدد بعد قتل ڪري، واقعي کي خودڪشي جو رنگ ڏنو ويو آهي.وارثن وڌيڪ الزام لڳائيندي ٻڌايو ته ناري کي سندس مڙس ۽ ٻيا گهر ڀاتي مختلف وقتن تي مارڪٽ ڪندا هئا، جنهن بابت ڪيترائي ڀيرا شڪايتون پڻ ڪيون ويون، جن جو فيصلو ڳوٺ جي چڱن مڙسن وسيلي لکت ذريعي ڪيو ويو هو،  پوليس جو چوڻ آهي ته ناري جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي،

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button