قاضي احمد لڳ وائبر ڪالرا پکڙجڻ جو انڪشاف، 300 ماڻهو مبتلا، سرڪار پاران به تصديق

قاضي احمد قاضي احمد لڳ ڳوٺ لائق راھو ۾ پاڻي خراب ھجڻ جي نتيجي ۾ ڪالرا جو نئون قسم وائبرو ڪالرا جو مرض ڦھلجي ويو. سرڪاري طور وائبرو ڪالرا ھجڻ جي تصدق ڪئي وئي. وائبرو ڪالرا ۽ گيسٽرو جي نتيجي ۾ 300 کان وڌيڪ ماڻھو مرض ۾ وڪوڙجي ويا. رپورٽ موجب ڳوٺ لائق راهو ۾ ڪالرا جي بيماري جي خبرن جي شايع ٿيڻ بعد شھيد بينظيرآباد جي صحت کاتي پاران ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي مريضن کي طبي امداد ڏني وئي. عائزا راهو، حسين راهو، اشرف راهو، سمين راهو، محرم راهو، عاقب راهو، سراج راهو، جلال راهو، عاقب ولد غلام نبي راهو، آمنا، سليمان، حبيب جان محمد، ستابو گل محمد، حاڪم علي راهو، ڏنو راهو، حاجي راهو، محبت راهو، شريف راهو، عبدالنبي راهو، ڪومل راهو، پيار علي، محمد يوسف، فرزانا راهو، سمين بخش راهو، ڪمال راهو، امتياز راهو، نواز راهو، عاليا راهو کي طبي امداد ڏني وئي. ڳوٺ ۾ ھڪ سال دوران 70 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙا گيسٽرو سبب فوت ٿي چڪا آھن. ميڊيڪل ڪئمپ دوران ڪرايل ٽيسٽن ۾ خطرناڪ مرض وائبرو ڪالرا هجڻ جي تصديق ڪندي اھڙي رپورٽ پڻ جاري ڪئي وئي آھي جنهن لاءِ ڳوٺ ۾ جر جو پاڻي خراب ھجڻ جو سبب ڄاڻايو ويو آھي .
سال دوران بيمارين ۾ فوت ٿيل گلڙا….
قاضي احمد: ھڪ سال دوران رڳو هن ڳوٺ ۾ 70 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙا گيسٽرو سبب فوت ٿي چڪا آھن، فوتين ۾ 2 مھينن جو غلام شبير راھو 6 مھينن جو ارشد راهو 13 ورهين سائقان راهو 7 مھينن جو صفر راهو 5 مهينن جو وريام راھو 6 ورھين جو سانول راھو 7 ورهين جو تانيا راهو 6 مھينن سوھن راهو هڪ سال جي نشا راهو 9 مھينن جو ماڻڪ راھو 2 سالن جي صدف راهو 2 مھينن جي نازو راهو 13 سالا سوھانا ڌي بکر راهو 15 ڏينهن جو جنا راهو 8 ڏينهن جي سينا راهو 3 مھينن جي مريم راهو 25 مھينن جو نور نبي راهو 3 سالا عليشا راهو 17 مھينن جي سوھانا ڌي نصرالله راهو 2 مھينن جو الھيار راهو سميت ٻيا فوتين ۾ شامل آھن
جر جي پاڻي ۾ 1500 تائين ڊي ڊي ايس، 800 هجڻ گهرجي ها: طبي ماهر
قاضي احمد: طبي ماهرن موجب جر جي پاڻي جو ڊي ڊي ايس عام طور 800 ھجڻ گھرجي ھا پر هن ڳوٺ جي جر جي پاڻي ۾ 14 کان 15 سو تائين ڊي ڊي ايس آهي، جنهن ڪري اھڙي صورتحال پيدا ٿي آھي. ديھه بوگري ۾ زرعي پاڻي اڻلڀ ٿيڻ سبب ڳوٺ جي آسپاس ۾ سموري زمين غيرآباد ۽ سڪي ٺوٺ ٿي وئي آهي.
ڳوٺاڻن جون حياتيون داءَ تي لڳي ويون، آر او پلانٽ لڳائڻ جي تجويزقاضي احمد: ڊي ايچ او شھيد بينظيرآباد ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ جر جي پاڻي جو ڊي ڊي ايس وڌي وڃڻ جر جو پاڻي خراب ٿي وڃڻ جي نتيجي ۾ گيسٽرجي وبا ڦھلجي وئي آھي ڳوٺاڻن جون زندگيون بچائڻ لاءِ فوري طور تي سرڪاري سطح توڙي سماجي سياسي ڌرين کي پيئڻ جي مٺي پاڻي جو آر او پلانٽ لڳائڻ گھرجي. جنهن سان وڌيڪ انساني جانيون موت جو کاڄ ٿيڻ کان بچي سگھن ٿيون. هن ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ 24 ڪلاڪ ٽن شفٽن ۾ ڊاڪٽرن جي ڊيوٽي لڳائي آھي سرڪاري طور هڪ ايمبولنس اتي بيٺل آھي جيڪي نازڪ حالت ۾ مريضن کي نواب شاھ منتقل پئي ڪري ڪوشش آھي ته انساني جانيون بچائي سگهجن. ڊاڪٽر غلام سرور خاصخيلي جو چوڻ ھو ته جيستائين ھن وبا جو سورس ختم نه ڪندا ته وبا تي ڪنٽرول ڪرڻ ممڪن نه ھوندو تنھن ڪري، گھرن ۾ موجود پراڻا مٽ ۽ دلن کي ٽوڙي نوان مٽ ۽ دلا خريد ڪيا وڃن. مٺ يا دلي ۾ ھر ھر گلاس وجھڻ بجاءِ ھڪڙو کونجو سان پاڻي ڪنڍيو وڃي. پاڻيءَ کي اٻاري، ٿڌو ڪري استعمال ڪريو. پنھنجا ھٿ کائڻ کان اڳ ۾ ماني پچائڻ کان اڳ ۾ ڪاڪوس ۾ وڃڻ کان پوءِ مال کي چارو ڏيڻ کان پوءِ صابڻ سان چڱيءَ طرح ڌوئي ۽ ھوا ۾ ھٿن کي سڪائي کاڌو کائو. پاروٿو کاڌو بنا ڌوتل فروٽ استعمال نه ڪرڻ گهرجي ڪاڪوس گھر کان 400 گز جي فاصلي تي فوري طور منتقل ڪرڻ گهرجن. پنھنجي ڌوتل ٿانون کي سنهڙي ڄاري يا ڪپڙي سان ڍڪيو وڃي. |