نيب تي ڀروسو ناهي: پبلڪ سروس ڪميشن وارن کي بنا ٽرائل 14 سال ٽيپ ڏني اٿئون: هاءِ ڪورٽ

ڪراچي سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيسرن خلاف نيب انڪوائري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حڪم ڏنو ته ڪميشن جي آفيسرن کان انڪوائري بابت لاڳاپيل دستاويز ٻن ڏينهن اندر جمع ڪرايا وڃن. عدالت ريمارڪس ڏنا ته آفيسرن کي مليل نوٽيس مان ظاهر ٿئي ٿو ته انهن کي تنگ ڪيو پيو وڃي، ٻڌايو ته ڪهڙي قانون تحت آفيسرن کي جاچ لاءِ نوٽيس موڪليا ويا، نيب جو ڪال اپ نوٽيس سوشل ميڊيا تي نچي رهيو هو، ظاهري طرح اهو لڳي ٿو ته نيب ايس پي ايس سي آفيسرن جو ميڊيا ٽرائل ڪري رهيو آهي، ڪال اپ نوٽيس جي ٻولي ڏسو ته لڳي ٿو ته جوابدارن کي بنا ٽرائل جي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، نوٽس ملڻ کانپوءِ آفيسر پريشان آهن ته کين بنا ٽرائل جي سزا ڏني وئي آهي، عدالت چيو ته نيب چيئرمين کان پڇون ٿا ته 2018 جي شڪايت تي 2025ع ۾ جاچ ڪيئن ٿي رهي آهي؟ لڳي ٿو ته نيب جاچ ڪرڻ جو اهل ئي ناهي، انڪوائري مڪمل ڪرڻ ۾ ست سال لڳن ٿا؟ مهرباني ڪري ٻڌايو ته نيب انڪوائري لاءِ ڪيترو وقت گهربل آهي؟ جنهن تي جاچ آفيسر عدالت کي جواب ڏنو ته قانون موجب نيب کي ڇهن مهينن ۾ جاچ مڪمل ڪرڻي هوندي آهي. جنهن تي عدالت چيو ته ڇهن مهينن جي بدران ڇهن سالن ۾ جاچ نه ڪري سگهيا آهيو، اسان پاڻ کي ريمارڪس ڏيڻ کان روڪي رهيا آهيون، ڪڏهن نوٽيس جاري ڪيو ويندو آهي، ڪڏهن نوٽيس گم ٿي ويندو آهي، ڇو نه نيب چيئرمين کي سمورن جاچ آفيسرن خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيون، نيب 2025ع ۾ نوٽيس تي هلي رهيو آهي، نيب ته مقررين بابت جاچ ڪري ئي نٿو سگهي. جاچ آفيسر ٻڌايو ته نيب مقررين ۽ ناجائز فائدو وٺڻ جي معاملي جي جاچ ڪري سگهي ٿو. جنهن تي عدالت چيو ته جيڪڏهن جوابدارن خلاف ثبوت هجن ها ته اسان هاڻي ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ چئي چڪا هجون ها. جاچ آفيسر عدالت کي چيو ته اسان ايس پي ايس سي ميمبرز خلاف جاچ ڪري رهيا آهيون، آفيسرن پنهنجا ماڻهو ڀرتي ڪيا آهن، قانون نيب کي انهي معاملي جي جاچ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. عدالت چيو ته هڪ اداري تي ڀروسو ڪندا هئاسين، هاڻي اهو به نه رهيو، جيڪڏهن هن ڪيس ۾ ڪرپشن ٿي ته اسان نيب جي مدد ڪنداسين، اسان نيب کي ڪنهن کي به غلط تنگ ڪرڻ نه ڏينداسين. جاچ آفيسر ٻڌايو ته اسان مختلف ادارن کي خط لکيا آهن، جوابدارن جي ملڪيتن ۽ ٻيو رڪارڊ حاصل ڪرڻ ۾ وقت لڳي رهيو آهي. جنهن تي عدالت چيو ته نيب ۽ ايف بي آر سڃاڻپ ڪارڊ نمبر مان سڀ رڪارڊ حاصل ڪري وٺن ٿا. جاچ آفيسر چيو ته هي هڪ وائيٽ ڪالر ڏوهه آهي، جاچ لاءِ وقت ڏنو وڃي. عدالت چيو ته جيڪڏهن نيب ائين ڪندو ته ڪو به ان تي اعتبار نه ڪندو. عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 24 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.