دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرون
کپري ويجهو عورت کي نانگ ڪُکي وڌو، ويڪسين نه ملڻ تي اسپتال ۾ فوت

کپروکپرو لڳ کاھي ٿاڻي جي حد ڳوٺ بقا محمد هاليپوٽو ۾ شير خان پٺاڻ جي بٺي تي ڪم ڪندڙ پورهيت پيرسن عورت پياري زال گل شير اوڏ سرن جي بٺي تي ڪم ڪري رهي هئي ته اوچتو کيس نانگ ڪکي وڌو نانگ جي ڪکڻ سبب عورت بيھوش ٿي وئي وارثن پاران کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سرڪاري اسپتال کپرو آندو ويو جتي ويڪسين نه ملڻ سبب عورت دم ڏئي ڇڏيو، پياري زال گل شير اوڏ جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.