Businessسنڌ جون خبرونقومي خبرون

سيٺارجا ۽ ڀرپاسي ۾ برسات پوڻ سبب کجي، ڪمند، ۽ ووڻن جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ روڊ رستا پاڻي جي لپيٽ ۾ ٽائون انتظاميه ڪو تحرڪ نه ورتو

سيٺارجا ۽ ڀرپاسي ۾ برسات پوڻ سبب کجي، ڪمند، ۽ ووڻن جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ روڊ رستا پاڻي جي لپيٽ ۾ ٽائون انتظاميه ڪو تحرڪ نه ورتو
تفصيل موجب: سيٺارجا ۽ ڀرپاسي ۾ برسات پوڻ سبب کجي، ڪمند ۽ ووڻن جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ آبادگارن جا مٿي تي ھٿ آبادگارن سنڌ پريس ڪلب سيٺارجا جي صحافين سان ڳالهائيندين چيو ته برسات سبب اسان جي فصلن کي تمام گھڻو نقصان ٿيو آھي ھنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪندين چيو ته اسان کي ريٽ سٺو ڏئي اسان جون پريشانيون ختم ڪيون وڃن اڳ ئي ڪڻڪ جي فصل ۾ تمام گھڻو نقصان کاڌو آھي ھاڻي اسان ۾ وڌيڪ نقصان کائڻ جو سھپ ناھي ٻئي طرف برسات سيٺارجا ٽائون جي مختلف ڳوٺن جي روڊ رستن کي پاڻي جي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آھي روڊ رستا تلاءُ جو ڏيک ڏئي رھيا آھن سيٺارجا ٽائون انتظاميه ڪي به اپاءُ نه ورتا برسات سبب ڳوٺ ڪوڙو خان ھيسباڻي، ڳوٺ علي محمد خاصخيلي، ڳوٺ مريد احمد حاجي، ڳوٺ وليداد خان لُنڊ، ڳوٺ گل خان لُنڊ، ڳوٺ يار محمد جاگيراڻي، ڳوٺ محمد ملوڪ سھتو، ڳوٺ شھيد آباد، ۽ ٻين ڳوٺن جو عوام پنھنجي گھرن تائين محدود ٿي ويو آھي ٽائون عملو غائب بڻيل سيٺارجا ٽالپر لنڪ روڊ پڻ پاڻي جي لپيٽ ۾ آھي ايندڙ ويندڙ مسافرن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button