جيئي سنڌ قومي محاذ سڪرنڊ ۽ يونٽ ماڙي نگر پاران جسقم اڳواڻن مسعود شاه، غلام مصطفٰى زئونر

جيئي سنڌ قومي محاذ سڪرنڊ ۽ يونٽ ماڙي نگر پاران جسقم اڳواڻن مسعود شاه، غلام مصطفٰى زئونر، مورڙو مير بحر، برڪت جلباڻي، قربان ٻنڀ علڻ رند بابو ٽالپر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ فصلن جا ريٽ گهٽ ڪري آبادگارن سان گڏ مزدورن، هارين ۽ پورهيتن جو معاشي قتل ڪرڻ خلاف قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جتي هنن الڳ الڳ ڳالهائيندي چيو ته آبادگارن ۽ ھارين سان وڏي نانصافي ٿي رهي آهي. زرعي دوائون، ڀاڻ، ٻج ۽ ڊيزل ايترو مهانگو ڪيو ويو آهي جو خريد ڪرڻ هارين ۽ آبادگارن جي وس ۾ نه آهي. ٻئي پاسي فصلن جا اگھ گهٽ ڪري هارين ۽ آبادگارن کي پيڙيو پيو وڃي. هنن چيو ته هڪ گهري سازش تحت سنڌ جي آبادگارن کي مهانگي اگھ تي دوائون ۽ ڀاڻ وڪرو ڪري سندن فصل گهٽ اگھ تي خريد ڪري کين مجبور ڪيو پيو وڃي ته جيئن اهي معاشي طور ڪمزور ٿين ۽ پنهنجون زمينون وڪڻڻ تي مجبور ٿين. هنن چيو ته جسقم هميشه آبادگارن، هارين ۽ زرعي مزدورن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو آهي ۽ اڳتي به سندن جائز حقن لاءِ سراپا احتجاج رهندي. هنن حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته آبادگارن ۽ ھارين کي فصلن جا مناسب اگھ ڏئي انهن سان انصاف ڪيو وڃي.