سنڌ جون خبرونصحتقومي خبرون

ڪنڌڪوٽ عيدگاھ محلي ۾ ارڙي جي وبا شدت اختيار ڪري وئي، ويڪسين نه هجڻ سبب معصوم ٻارڙي فوت

ڪنڌڪوٽ عيدگاھ محلي ۾ ارڙي جي وبا شدت اختيار ڪري وئي، ويڪسين نه هجڻ سبب معصوم ٻارڙي فوت
تفصيل موجب
ڪنڌڪوٽ جي عيدگاھ محلي ۾ ارڙي جي وبا تيزي سان پکڙجي وئي آهي، جتي ويڪسين جي عدم فراهمي ۽ صحت کاتي جي مبينا لاپرواهي سبب معصوم مريم ڌيءُ محمد صادق لاشاري حياتي وڃائي ويٺي.
معصوم ٻارڙي جي والد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، ”اسان جي علائقي ۾ ڪڏهن به ويڪسين واري ٽيم نه آئي، اسان جي نياڻي تڙپي تڙپي دم ڏنو.“ هن الزام هنيو ته اي پي آء جو عملو رڳو ڪاغذن ۾ رڪارڊ ڏيکاري ٿو، پر عملي طور تي ڪا به ٽيم نه پهتي آهي.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ٻار ارڙي جي لپيٽ ۾ اچي چڪا آهن، پر اڃا تائين صحت کاتو يا ضلعي انتظاميا ڪا به سنجيده قدم ناهي کنيو.
شهرين صحت واري وزير، سيڪريٽري هيلٿ ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ عيدگاھ محلي ۾ فوري طور تي ويڪسين ٽيم موڪلي وڃي ته جيئن وڌيڪ انساني جانين جو نقصان نه ٿئي.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button