دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرونقومي خبرون

ٽنڊوڄام  ٽنڊوڄام شهر ۽ تعلقي ٻهراڙيء ۾ آئيس پوليس جي آشيرواد سان سري عام وڪرو ٿيڻ لڳو،

ٽنڊوڄام  ٽنڊوڄام شهر ۽ تعلقي ٻهراڙيء ۾ آئيس پوليس جي آشيرواد سان سري عام وڪرو ٿيڻ لڳو، شهرين پاران روزانو ڪيترن ئي نوجوانن کي پڪڙي آئيس سميت وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ باوجود پوليس هڪ به ڊيلر گرفتار ڪرڻ کان لاچار بڻيل، شهري سخت پريشان ڊي آئي جي حيدرآباد کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو. خبر موجب ٽنڊوڄام شهر توڙي تعلقي ٻهراڙيء ۾ سماجي برايون عروج تي پهچي ويون آئيس جهڙو موذي مرض نوجوان نسل کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي، ٽنڊوڄام شهر جي مک ريلوي ڦاٽڪ ڀرسان انبن جي باغ ۾ سوين نوجوان آئيس واپرائڻ لڳا شهرين پاران روزاني جي بنياد تي ڪيترن ئي آئيس جي موالين کي آئيس سميت پڪڙي وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون ويون آهن جنهن ۾ نوجوان آئيس وڪرو ڪندڙن جي نالن سان نشاندهي ڪري رهيا آهن ان باوجود ٿاڻي تي مقرر ايس ايڇ او گلزار تنيو منشيات فروشن کي گرفتار ڪرڻ کان لاچار بڻيل، باخبر ذريعن کان اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته ايس ايڇ او گلزار تنيو هفتو ڳري رقم وصول ڪرڻ ڪري سڀني ڊيلرن کي سري عام وڪرو ڪرڻ جي موڪل ڏني آهي جنهن ڪري ڪيترن ئي ڏينهن کان هر روز آئيس جي موالين جي وڊيوز وائرل ٿيڻ باوجود ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي سجاڳ ڌرين پڻ آهيو به ٻڌايو آهي ته ايس ايس پي حيدرآباد کي پرسنل نمبر تي ڪيتريون ئي وڊيوز موڪلڻ باوجود ڪو ايڪشن نه کنيو آهي جنهن سبب نوجوانن جي والدين کي پريشاني وڪوڙي وئي آهي انهن مطالبو ڪندي ڊي آئي جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو ائي جي سنڌ ۽ ضياء لنجار کان گهر ڪئي آهي ته فوري طور تي ايس ايڇ او ٽنڊوڄام کي هٽائي ڪو ايماندار آفيسر مقرر ڪري آئيس سميت مختلف سماجي براين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري نواجونن جي والدين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button