Businessسنڌ جون خبرونقومي خبرون
جماعت اسلامي پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،

جماعت اسلامي پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ريلي ۾ شريڪ ماڻهن هٿن ۾ جهنڊا ۽ بينر کڻي مهانگائي خلاف نعرا هنيا.
تفصيل موجب ملڪ جي ٻين شهرن وانگر شڪارپور ۾ به جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي سڏ تي مهانگائي ۽ پيٽرول جي اگهن خلاف وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي فرڪانيه حال کان شروع ٿي گهنٽا گهر تائين پهتي، جنهن جي اڳواڻي جماعت اسلامي شڪارپور جي امير مولانا صدرالدين مهر ڪئي.شرڪاء مهانگائي خلاف نعرا لڳائيندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پيٽرول، بجلي، گيس ۽ روزمره جي شين جي اگهن ۾ ٿيل واڌ فوري واپس ورتي وڃي. مولانا صدرالدين مهر چيو ته حڪومتي پاليسيون عوام دشمن آهن ۽ جماعت اسلامي ان خلاف خاموش نه ويهندي.