سنڌ جون خبرونقومي خبرون

ڳوٺ مبارڪ ڀيو جي ڳوٺاڻن هڪ ڀيرو ٻيهر کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزادي پوليس جي ناجائزين خلاف احتجاج ڪيو
نون ڏينهن کان کنڀي گم ڪيل نوجوان مجيد ڀيو جي آزادي لاء ڀاء اسد علي امڙ گل خاتون معصوم ٻارڙن سميت ٻين احتجاج ڪيو
ڳوٺاڻن احتجاج دوران داهنيدي چيو ته ايس ايڇ او بي سيڪشن سڪندر پهنور نوجوان کي ناحق کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي
ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته ايس ايڇ او نوجوان جي آزادي لاء رشوت طلب ڪئي آهي غريب مسڪين آهيون ڪٿان کان لکين روپيا آڻي ايس ايڇ او کي ڏيون
ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته کنڀي گم ڪيل نوجوان مجيد ڀيو پنهنجي مقتولا ڀيڻ جي ڪيس ۾ فريادي آهي ايس ايڇ او بااثرن جي چرچ تي نوجوان کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ايس ايڇ او سڪندر پهنور خلاف ڪورث ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهي پوليس هاڻي پٽيشن تان هٿ کڻڻ لاء هراسان ڪري پئي ۽ ڪوڙا ڪيس به داخل ڪري سگهي ٿي
مسلسل احتجاج ڪريون پيا پر اسان جي احتجاج جو ڪوبه نوٽيس نه ٿو وٺي ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ به ايس ايڇ او کي بچائڻ جي چڪرن ۾ آهي
ڳوٺاڻن ڊي آء جي لاڙڪاڻه.آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته نوجوان کي آزاد ڪري ايس ايڇ او بي سيڪشن سڪندر پهنور خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button