سنڌ جون خبرون

عوامي پريس ڪلب ٺٽو آڏو ڌاٻيجي جي ڪرپٽ، منشيات فروشن جي سهولتڪار

عوامي پريس ڪلب ٺٽو آڏو ڌاٻيجي جي ڪرپٽ، منشيات فروشن جي سهولتڪار، لينڊ گريبر ۽ اغوا براءِ تاوان ۾ ملوث ايس ايڇ او مبين پرهياڙ خلاف هڪ ڀرپور احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جيڪو ايس ايڇ او مبين پرهياڙ هٽايو، ٺٽو بچايو تحريڪ جي ابتدائي طور ڪيو ويو.مظاهري ۾ عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي صحافين سان گڏ ايوان صحافت مڪلي جي سرپرست اعلي نظير قريشي، صدر اڪبر دلواڻي پنهنجي ساٿين سميت شرڪت ڪئي. ان کان علاوه گھارو مان سينيئر صحافي ممتاز لاشاري، ٻوھارا مان عزيز سومرو ٺٽي مان اسد سبزپوش،فقير علي محمد درس روزاني ڪوشش اخبار جو حسن عباس، سماجي اڳواڻ صالح خانيو، مظھر جکڙ، ايس ايڇ او مبين پرهياڙ جي ظلمن جو شڪار محمد بلوچ، سيد انور شاهه، اڪبر ڪڇي سميت ڪيترن ئي ماڻهن احتجاج ۾ شرڪت ڪئي ۽ مٿن ٿيل ظلمن جا داستان مظاهرين سان ونڊيا.
احتجاج دوران مظاهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ايس ايڇ او مبين پرهياڙ کي فوري طور هٽائڻ لاءِ زوردار نعرا هنيا.
ان موقعي تي خطاب ڪندي ايوان صحافت مڪلي جي صدر اڪبر دلواڻي، روزاني ڪوشش جي رپورٽر حسن عباس ۽ سينيئر صحافي شبير مانجھند، محمد عمر سرائي ، عوامي پريس ڪلب جي صدر بلاول سمون سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ ايس ايڇ او مبين پرهياڙ کي فوري طور تي هٽايو وڃي. عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي صدر بلاول سمون پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ايس ايڇ او ڌاٻيجي مبين پرهياڙ هڪ بدعنوان، منشيات جون لائينون هلائيندڙ، زمينن تي قبضا ڪندڙ، چوري ٿيل ڊيزل ۽ پئٽرول جون غيرقانوني ايجنسيون هلائيندڙ، اغوا براءِ تاوان جھڙين سرگرمين۾ ملوث آھي ، جنھن پنھنجي ٿاڻي کي پرائيويٽ فرنٽ مين حاجن ڏاھري حوالي ڪري ڇڏيو آھي، جيڪو هن لاءِ سڀ غيرقانوني ڪم سرانجام ڏئي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته اسان جي جدوجهد کانپوءِ ايس ايس پي ٺٽو پاران ورتل قدمن سان اسان جا الزام ثابت ٿي چڪا آھن غيرقانوني آئل ڊيپو ظاهر ٿي چڪو آھي، گٽڪا، ماوا، منشيات جي وڪري جا ثبوت ملي چڪا آھن اغوا براءِ تاوان جا ڪيس ۽ زمينن تي قبضا پڻ پڌرا ٿي چڪا آھن.بلاول سمون اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او مبين پرهياڙ کي فوري طور ڊسمس فرام سروس ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو.احتجاج جي آخر ۾ عوامي پريس ڪلب ٺٽو پاران اعلان ڪيو ويو ته تحريڪ جو ٻيو مرحلو خميس ڏينهن ايس ايس پي آفيس ٺٽو آڏو ڌرڻي جي صورت ۾ شروع ڪيو ويندو.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button