سنڌ جون خبرونقومي خبرون

ڪنڌ ڪوٽ شھر ۾ پوليس جو مقابلو ھڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو

ڪنڌ ڪوٽ شھر ۾ پوليس جو مقابلو ھڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو انھي حوالي سان پوليس ترجمان موجب ته ايس ايس پي محمد مراد گھانگھرو جي سخت ھدايت تي 15 مددگار پوليس جي انچارج خليل احمد لغاري جي اڳواڻي ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڏوھاري ٽولي جي موجودگي جي اطلاع تي چنا پٽي ۾ پھتا ته پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ مقابلو ٿي پيو پوليس اڪرم شيخ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو ڏوھاري جي قبضي مان ٽي ٽي پسٽل ھٿ پڻ ڪئي زخمي کي سول اسپتال آندو ويو ساٿي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا انھي حوالي سان 15 مددگار پوليس انچارج خليل لغاري ٻڌايو ته زخمي حالت ۾ گرفتار اڪرم شيخ شھر ۾ ڦرلٽ ڪندڙ گروھ جو ساٿي آهي جنهن ڪافي اسٽريٽ ڪرائيم جون وارداتون پڻ ڪيون آهن نئي ايس ايس پي محمد مراد گھانگھرو جي خاص ھدايتن تي شھر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ڪندڙ ڪنهن به ڏوھاري کي بخش نه ڪيو ويندو شھر ۾ ڏوھ ڪندڙ ھر ڏوھاري جو انجام ضرور ڪنداسي .

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button