گھارو شهر جي ترقياتي ڪمن جي حوالي سان پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو يوٿ ضلعو ٺٽو جي صدر ضمير شاهه بخاري جي اڳواڻي ۾ هڪ اهم ملاقات

گھارو شهر جي ترقياتي ڪمن جي حوالي سان پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو يوٿ ضلعو ٺٽو جي صدر ضمير شاهه بخاري جي اڳواڻي ۾ هڪ اهم ملاقات ٽائون چيئرمين گھارو ڄام احسان جوکيو سان ٿي جنهن ۾ يوٿ اڳواڻن پاران شهر جي مختلف مسئلن تي تفصيلي خيال ونڊيا ويا.ملاقات ۾ گھارو سٽي يوٿ جي صدر زوهيب بلوچ، رشيد خاصخيلي، شوڪت ميمڻ، ڪامران اعظم، سبحان جوکيو، رستم جوکيو، انيل شاهه، ۽ سليم ملاح پڻ شرڪت ڪئي. وفد پاران شهر جي بنيادي سهولتن خاص طور تي نيڪال، صفائي، روڊن جي مرمت، اسٽريٽ لائيٽس، ۽ واٽر سپلاءِ سسٽم جي بهتري لاءِ جلد قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو.ٽائون چيئرمين ڄام احسان جوکيو شھيد ڀٽو جي وفد کي خاطري ڪرائيندي چيو ته گھارو شهر ۾ جاري ترقياتي ڪم جلد مڪمل ڪيا ويندا. هن چيو ته عوامي سهولتن جي فراهمي سندس ترجيح آهي ۽ هو پنهنجي عهدي جي وسيلن سان ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي ته گھارو شهر کي جديد شهري سهولتن سان آراسته ڪيو وڃي.ملاقات دوران ضمير شاهه بخاري چيو ته نوجوان ئي تبديلي جا اڳواڻ آهن ۽ سندن آواز کي حڪومتي ادارن تائين پهچائڻ لاءِ جدوجهد جاري رهندي. يوٿ اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن ترقياتي ڪم جلد مڪمل نه ٿيا ته هو پنهنجي احتجاج جو حق محفوظ رکن ٿا.آخر ۾ ٽائون چيئرمين پاران وفد جي اچڻ تي سندن ٿورا مڃيندي ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو ويو. ملاقات کي گڏيل طور تي سٺي شروعات قرار ڏنو ويو ۽ اميد ظاهر ڪئي وئي ته جلد ئي گھارو شهر جا بنيادي مسئلا حل ٿيندا.