ڪنڌڪوٽ ڪشمور لڳ سٽي پارڪ ڀرسان نيئن سال جي خوش ۾ اُٺن جي ميلي جو پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌ پنجاب بلوچستان جي اُٺن حصو ورتو شھرين توڙي پري پري کان شوقين ميلي کي ڏسڻ لاءِ پھتا

ڪشمور ڪنڌڪوٽ گڊو مزاري ڳوٺ سيريا روڊ شاھوالي راجن پور روجھاڻ مريد شاخ رحيم يار خان ۽ ڊيرا بگٽي ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان ايندڙ ڀلوڙ نسل جي اُٺن وچ ۾ زبردست مقابلا ٿيا جنهن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ اُٺن جي مالڪن کي انعام ڏنا ويا پنجاھ کان مٿي اُٺن وچ ۾ مقابلا ٿيا جنهن ۾ ڪافي اُٺن مقابلي دوران زخمي پڻ ٿيا جڏهن ته ميلي جي مک مھمان ايم پي اي ڪشمور حاجي عبدالرئوف کوسو، احسان کوسو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھيندي چيو ته ڪشمور ضلعي جي عوام ۾ مايوسي نظر اچي رهي آهي شهرين جي مايوسي کي گهٽائڻ لاءِ اسين ڪوشش ڪئي آهي ته اُٺن ميلو لڳايون جيئن عوام کي خوش ڪري سگھون اڄ دل ڏاڍي خوش ٿي آهي عوام جي چھرن تي مرڪون آڻن لاء اهڙا ميلا ڪنداسين سنڌ ثقافت کاتي کي گھرجي ته اھڙا پروگرام اسان وٺ ٿيڻ گھرجن جنهن سان سنڌ ثقافت سان جڙيل ھجي اھڙا ميلا جلد منظور ڪرايا ويندا جڏهن ته پري پري کان ايندڙ اُٺن جي مالڪن جو چوڻ ھو ته ڪشمور ضلعي جا اھڙا حالات آهن جو ميلي ۾ ڪير ڪونه ايندو پر اتان جي عوام اسان جون دليون کٽي ورتيون آهن انهن اسان کي مان عزت ڏني آهي اسين انهن جا شڪر گذار آھيون جڏهن ته ميلي جي سيڪورٽي لاء ڪشمور پوليس جي جوانن پنهنجا فرض سر انجام ڏنا