قومي خبرون

ٽي ڏينھن اڳ غوثپور ڀرسان مئن انڊس ھا۽ وي تي دبئي ھوٽل واري علائقي ۾ موٽر سائيڪلن تي سوار ٻٽ ٻڌل ڏوھارين طرفان ڳوٺ عبدالستار ڀيو جي رھواسي نوجوان عابد ڀيو کان موٽر سائيڪل ڦرڻ دوران مزاحمت تي

ڪنڌڪوٽ( رپورٽ نظير سومرو)

ٽي ڏينھن اڳ غوثپور ڀرسان مئن انڊس ھا۽ وي تي دبئي ھوٽل واري علائقي ۾ موٽر سائيڪلن تي سوار ٻٽ ٻڌل ڏوھارين طرفان ڳوٺ عبدالستار ڀيو جي رھواسي نوجوان عابد ڀيو کان موٽر سائيڪل ڦرڻ دوران مزاحمت تي کيس گوليون ھڻي قتل ڪرڻ واري معاملي جو ڪيس سندس چاچي پيارو ڀيو جي فرياد تي ڪنڌڪوٽ جي بي سيڪشن ٿاني تي قلم 396..398 تحت داخل ڪرايو ويو آھي۔ ڪيس ۾ اٺ ڀيا برادري جي ماڻھن کي نامزد ڪيو ويو آھي ۽ ھڪ اڻ سڃاتل کي شامل ڪيو ويو آھي۔ نامزد جوابدار ۾ حمادالله۔ قابل۔۔شھزادو۔ راشد۔ شاھد۔ عبدالشڪور۔ عبدالسبحان ۽ شعيب ڀيو شامل آھن۔ ٻئي پاسي ٽي ڏينھن گذري وڃڻ باوجود پوليس ڪابه ڪاروائي عمل ۾ نه آڻي سگھي آھي

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button