سنڌ جون خبرونقومي خبرون

ڏوڪري رائيس ريسرچ سينٽر جي شاخ ۾ وڌيڪ پاڻي اچڻ سبب پاڻي اوور ٽاپ ٿيڻ جي ڪري روڊن رستن ۽ ڪالوني ۾ ڪاهي پيو،

ڏوڪري:

ڏوڪري رائيس ريسرچ سينٽر جي شاخ ۾ وڌيڪ پاڻي اچڻ سبب پاڻي اوور ٽاپ ٿيڻ جي ڪري روڊن رستن ۽ ڪالوني ۾ ڪاهي پيو، پاڻي روڊ رستن تي بيهڻ سبب علائقي واسي تڪليفن کي منهن ڏيڻ لڳا. ان موقعي تي علائقي واسين ريحان احمد، نور محمد ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايريگيشن عملي جي نااهلي سبب شاخ ۾ وڌيڪ پاڻي اچڻ جي ڪري پاڻي ڪالوني ۽ فارم ڳوٺ سميت روڊن رستن تي بيهجي ويو آهي، پاڻي بيهجي وڃڻ سبب اسڪولي ٻارڙن سميت ڪيترائي ماڻهو پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. هنن چيو ته روڊن رستن تان پاڻي نيڪال ڪري ايريگيشن عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button