خيرپور مسجد آباد ڪميٽي ضلع خيرپور جو اجلاس، اجلاس خيرپور جي مولوي هائوس تي ٿي گذريو

خيرپور مسجد آباد ڪميٽي ضلع خيرپور جو اجلاس، اجلاس خيرپور جي مولوي هائوس تي ٿي گذريو، اجلاس جي صدارت پروگرام جي باني پروفيسر ڊاڪٽر سجاد علي رئيسي ڪئي . اجلاس ۾ 2 سالن دوران تمام مسلم فرقن جي مسجدن ۾ ڪيل خدمت، ڪارڪردگي سميت جائزي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ مذهبي عالمن، سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي مسجد آباد ڪميٽي جي ميمبرن پروفيسر ڊاڪٽر سجاد علي رئيس، پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري، پروفيسر چودهري سيد محمد مطهر زيدي، مولانا هادي بخش چنه، عظمت رڏ ۽ ٻين چيو ته مسجد آباد پروگرام جو مقصد تمام مذهبي ڌرين جي مسجدن کي سهولتون، تعميرات، فعاليت، درس قرآن سميت ٻين معاملن مسئلن کي حل ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ متفقه طور تي عظم ڪيو ته مسجد آباد پروگرام کي ڪنهن به مسلڪ کان بالاتر ٿي ڪري ديني فريضو سمجهندي اڳتي وڌايو ويندو ته جيئن معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهجي. اجلاس جي آخر ۾ تمام مسلمانن بي الخصوص فلسطين جي مسلمانن جي ڪاميابي ۽ حفاظت لاءِ دعا گهري وئي.