سنجھورو سنڌ جي معروف و مشهور صوفي شاعر بزرگ حضرت منٺار فقير راڄڙ جو ساليانو ميلو 11 جنوری 2025 جي شام کان ڳوٺ کاڻي راڄڙ تعلقي کپري ضلع سانگهڙ ۾ شروع ٿي رهيو آهي

سنجھورو سنڌ جي معروف و مشهور صوفي شاعر بزرگ حضرت منٺار فقير راڄڙ جو ساليانو ميلو 11 جنوری 2025 جي شام کان ڳوٺ کاڻي راڄڙ تعلقي کپري ضلع سانگهڙ ۾ شروع ٿي رهيو آهي ان حوالي سان درگاه منٺار فقير جي سجاده نشين فقير محمد بخش عرف ضامن پنهنجي بيان ۾ چيو ته حضرت منٺار فقير سائين جن جو 90 هين سالانه ٻن ڏينهن واري عرس مبارڪ (ميلي) جو افتتاح 10 رجب جي شام يارهين جنوري تي مزار مبارڪ تي چادر چاڙهي ڪيو ويندو جنهن کانپوءِ مچ تي سروري ڏهر ۽ ذڪر جي روايتي تقريب منعقد ڪئي ويندي رات جو صوفياڻي راڳ جي محفل ٿيندي جنهن ۾ استاد شفيع فقير برڪت جمال دين فقير سڪندر شفيع فقير سميت نالي وارا نامور راڳي صوفي شاعرن جو ڪلام پيش ڪندا ميلي ۾ سنڌ توڙي ملڪ جي ٻين ھنڌن مان درگاه جا عقيدتمند وڏي انگ شرڪت ڪندا جڏهن ته ميلي جو تقريبون ٻن ڏينهن تائين جاري رهنديون