دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرونقومي خبرون

خيرپور ڊي بي اي خيرپور جو اجلاس، نئين سال جو شيڊول پڌرو ڪرڻ لاءِ لاحئه عمل جوڙيو ويو

خيرپور ڊي بي اي خيرپور جو اجلاس، نئين سال جو شيڊول پڌرو ڪرڻ لاءِ لاحئه عمل جوڙيو ويو. تفصيل مطابق خيرپور جي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن خيرپور جي مئنيجنگ ڪاميٽي جو نئين سال 2025 جي چونڊن متعلق هڪ اجلاس ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر اعجاز علي چانڊيو جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. اجلاس ۾ نئين سال 2025 جي چونڊن متعلق لاحئه عمل جوڙيو ويو. اجلاس ۾ گذريل سال 2024 ۾ خيرپور جي وڪيلن جي ڀلائي لاءِ ڪيل ڪمن متعلق ۽ ايندڙ وقت ۾ ٿيندڙ ڪمن متعلق پڻ آگاهي ڏني ويئي. اجلاس دوران اليڪشن جو شيڊول پڻ تيار ڪيو ويو. اجلاس ۾ حميل رفيع مهيسر، ميڊم خورشيد سهتو ۽ ٻين وڪيلن شرڪت ڪئي.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button