دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرونقومي خبرون

خيرپور ڪراچي مان مبينيٰ اغوا ڄاڻائيل ناري خيرپور ۾ عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو،

خيرپور ڪراچي مان مبينيٰ اغوا ڄاڻائيل ناري خيرپور ۾ عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو، ڀاءُ ۽ ڀيڻوي طرفان مارڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ڦاسائڻ جي ڌمڪين خلاف احتجاج، تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو. تفصيل مطابق ڪراچي جي علائقي چڪرا ڳوٺ مان مبينيٰ اغوا ڄاڻائيل نوجوان ناري مسمات دعا ڌيءَ نبي بخش سمو خيرپور ۾ تعلقو ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ مٺڙي جي رهواسي نوجوان جمشيد علي ولد جانڻ حاجاڻو سان عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو آهي. جنهن تان ناراض ناريءَ جي چڪرا ڳوٺ ڪراچي جي رهواسي ڀاءُ نبيل سمو ۽ ڀيڻوو جنيد کوسو جي طرفان ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ ڪارنهن الزام مڙهي مارڻ جي ڌمڪين خلاف صحافين آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو آهي ته هن پنهنجي مرضي سان شريعت محمدي مطابق جمشيد علي حاجاڻو سان عدالتي پرڻو ڪيو آهي. جنهن تي ناراض ٿي ڀاءُ نبيل سمو ۽ ڀيڻوو جنيد کوسو مارڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. جنهن ڪري سندن جي زندگين کي خطرو آهي. هنن آءِ جي پوليس سنڌ ڪراچي، ڊي آءِ جي پوليس سکر، ايس ايس پي خيرپور، ڊي ايس پي ڪوٽڏيجي، ايس ايڇ او ڪوٽڏيجي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته کين تحفظ فراهم ڪري سندن زندگيون بچائيون وڃن.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button