دادو شهر جي نيو تاج پيٽرول پمپ وٽ ھٿياربند ماڻهن ايس ايڇ او ماڏو حضور بخش هنڱورو تي وحشياڻو تشدد ڪري کيس سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن،

دادو شهر جي نيو تاج پيٽرول پمپ وٽ ھٿياربند ماڻهن ايس ايڇ او ماڏو حضور بخش هنڱورو تي وحشياڻو تشدد ڪري کيس سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن،
ھٿياربند ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار 5 ڄڻن پوليس ٿاڻي ماڏو جي انچارج سب انسپيڪٽر حضور بخش هنڱورو کي يرغمال بڻائي پسٽل جي بٽن ، لٺين ، لتن مڪن سان وحشياڻو تشدد ڪري کيس روڊ تي گھلندي کيس رتو رت ڪري ڇڏيو آهي، هٿيارن سان مسلح ماڻهن سب انسپيڪٽر کان سندس پسٽل به کسي ورتو آهي، 15 منٽن تائين هٿيارن سان مسلح ماڻهون سب انسپيڪٽر تي تشدد ڪندا رهيا پر پوليس نه پهتي ، زخمي سب انسپيڪٽر کي موٽر سائيڪل تي اعلاج لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال آندو ويو، زخمي سب انسپيڪٽر حضور بخش ھنڱورو ٻڌايو ته ڪڪڙ واسي يار محمد، بخت هنڱورو ۽ ٻين حملو ڪري زخمي ڪيو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل شھيد مخدوم بلاول پوليس ٿاڻي تي 5 جوابدارن خلاف ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي،