گهوٽڪي ء ڪشمور م هلندڙ ڪارنهن جي معاملي تان تڪرار شروع ٿيو ٺاھ ٿيڻ جي باوجود ٻيهر ساوند برادري جي هٿان سندراڻي قتل ٿيل سراج سندراڻي

ڪنڌڪوٽ
گهوٽڪي ء ڪشمور م هلندڙ ڪارنهن جي معاملي تان تڪرار شروع ٿيو ٺاھ ٿيڻ جي باوجود ٻيهر ساوند برادري جي هٿان سندراڻي قتل ٿيل سراج سندراڻي جي قتل ء سندراڻي برادري جي هٿياربندن جي هٿان ساوند برادري جا ڇھ ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا جنهن جو فيصلو سندراڻي هائوس دڙي ٿي گذريو ٻه ڪروڙ چاليھ لک روپيا ساوند تي ڏنڊ ساوند برادري جا ڇھ ماڻهو زخمي ٿيڻ جا86 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٽوٽل 3 ڪروڙ 26 لک روپيا ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون علائقي م خوشي جي لهر ڇانيل
تفصيل موجب
غوثپور لڳ ڳوٺ دڙي سندراڻي ۾ ساوند ۽ سندراڻي تڪرار جو نبيرو پي پي ايم پي اي سردار عابد سندراڻي جي سرپئنچي هيٺ جاري آھي۔ ۔ٻنھي ڌرين جي معززين سميت نبيري ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن پاران جرڳي ۾ شرڪت ڪئي ويئي آهي۔ ساوند سندراڻي تڪرار ۾ مارجي ويل سندراڻي برادري جي سراج سندراڻي سميت ساوند برادري جي زخمي ٿيلن ڇھن ڄڻن ھرھڪ فياض احمد۔ عبدالقادر۔ عبدالھادي۔ عبدالغفار۔ مورخان ۽ طفيل احمد ساوند شامل آھن۔ انھن ڇھن ڄڻن کي ٽي ھفتا اڳ قادرپور شھر جي ڳوٺ رئيس يار محمد ۾ پلاند ۾ گوليون ھڻي زخمي ڪيو ويو ھيو۔ جنھنجو اڄ دڙي ڳوٺ جي سندراڻي ھائوس تي نبيرو ڪيو پيو وڃي۔۔ساوند سندراڻي تڪرار جي خاتمي لاء ٿيندڙ نبيري ۾ ٻنھي ڌرين جا ڪيترائي معزز اڳواڻ ۽ برادري جا چڱا مڙس ڊاڪٽر طارق ساوند۔ رئيس صبحان۔ رئيس حبيب الله۔ ملان جلال۔ رئيس ھاشم ۽ جلال بگٽي سميت ٻيا شامل آھن۔ ھن وقت ڳالھين جو عمل جاري آھي ۽ شام تائين فيصلي اچڻ جي اميد آھي غوثپور ڀرسان ڳوٺ دڙي سندراڻي ۾ علائقي جي پ پ ايم پي اي مير عابد سندراڻي جي سرپئنچي ھيٺ ساوند۔ سندراڻي تڪرار جو نبيرو ٿي ويو۔ ٻنھي ڌرين جون ڳالھيون ٻڌڻ بعد فيصلي جي فتوا جاري ڪندي چيو ويو ته ڪجھ مھينا اڳ ٿيل گوھر پئليس تي ٻنھي ڌرين جي نبيري بعد ساوند ڌر طرفان اڳرائي/ڀڃڪڙي ڪرڻ تي مٿن ٻھ ڪروڙ جو ڏنڊ ۽ مقتول سراج سندراڻي جي خون جو عيوضو ويھ لک ۽ سندس گھر جي ڀڃ ڊاھ ڪرڻ جو عيوضو به ويھ لک ساوند ڌر تي وڌو ويو۔ جڏھين ته سندراڻي برادري جي ھٿياربندن طرفان پلاند ۾ زخمي ڪيل ساوند برادري جي ڇھن ڄڻن جو عيوضو/ڏنڊ ڇھاسي لک روپيه وڌو ويو۔ مجموعي طور تي ٻنھي ڌرين مٿان ٽي ڪروڙ ۽ ڇويھ لک ڏنڊ وجھي ڌرين کي کير کنڊ ڪيو ويو۔۔۔