دادو ۾ سنڌ سمال انڊسٽريز ڪارپوريشن ايمپلائيز يونين جي مرڪزي سڏ تي 34 ھين ڏينهن به دادو پريس ڪلب آڏو ملازمن پرامن احتجاجي مظاھرو ڪري

دادو ۾ سنڌ سمال انڊسٽريز ڪارپوريشن ايمپلائيز يونين جي مرڪزي سڏ تي 34 ھين ڏينهن به دادو پريس ڪلب آڏو ملازمن پرامن احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي سخت نعري بازي ڪئي ملازم اڳواڻن سرفراز چنا، نثار خاصخيلي، اعجاز علي چنا، فقير نياز علي ڪلھوڙو، الھڏنو قمبراڻي، خير محمد منگي، نواب علي، عبدالله، انور علي، نديم علي چنو، حاجي خان، رفيع الله ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته گذريل 34 ڏھاڙن کان سراپا احتجاج آھيون، پ پ جي ھي ڪھڙي جمھوري حڪومت آهي جيڪا ملازمن جي پرامن احتجاج جو نوٽيس نه ٿي وٺي
ايس ايس آءِ سي جي ملازمن کي گذريل 7 مھينن کان پگهار ۽ پينشن نه ٿي سگهي آهي ۽ سال 2012 کان گروپ انشونس به ختم ڪئي وئي آهي، 2016 کان ملازمن کي اپگريڊ به نه ڪيو پيو وڃي جيڪو انساني حقن جي خلاف ورزي آهي،
ملازمن سي ايم سنڌ، وزير صنعت، چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري انڊسٽريز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پرامن احتجاج جو نوٽيس وٺي اسان جا جائز مسئلا جلد حل ڪيا وڃن، ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو،