دادو سنڌو درياءُ مان نڪندڙ ڇھن ڪينالن خلاف پيپلز پارٽي جي ضلعي صدر ايم اين اي دادو رفيق احمد جمالي جي اڳواڻي ۾ جمالي هائوس کان دادو پريس ڪلب تائين پيادل ريلي ڪڍي وئي.

دادو سنڌو درياءُ مان نڪندڙ ڇھن ڪينالن خلاف پيپلز پارٽي جي ضلعي صدر ايم اين اي دادو رفيق احمد جمالي جي اڳواڻي ۾ جمالي هائوس کان دادو پريس ڪلب تائين پيادل ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ ايم پي اي ميهڙ فياض ٻٽ، جنرل سيڪريٽري پيپلز پارٽي دادو غلام دستگير ڳورڙ، چيئرمين ضلعي ڪائونسل دادو سيد محمد شاهه، قمبر خان لغاري سميت ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.
رفيق احمد جمالي ۽ ٻين اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي هميشه عوام جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ پارٽي جي قيادت عوام جي خاطر قربانيون ڏنيون آهن. پيپلز پارٽي ملڪ جي هڪ جمهوري پارٽي آهي، جيڪا ڪنهن به اهڙي منصوبي جي مخالفت ڪندي جيڪو ملڪ يا عوام خلاف هوندو. اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي اڳ به ڪالاباغ ڊيم جي خلاف هئي ۽ سنڌ جي هر انچ کي غيرآباد ٿيڻ نه ڏيندي. سنڌ جو پاڻي سنڌ جو حق آهي، اسين اسيمبلي اندر ۽ ٻاهر عوام سان گڏ آهيون. درياءِ سنڌ مان نڪرندڙ انهن ڪينالن جي خلاف آواز اٿارينداسين ۽ انهن کي رد ڪرائينداسين.