دادو چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي پاران سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ ٻارن جي تحفظ لاءِ چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ قائم ڪيا ويا آهن

دادو چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي پاران سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ ٻارن جي تحفظ لاءِ چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ قائم ڪيا ويا آهن سنڌ سرڪار پاران ٻارن جي حقن ۽ تحفظ لاءِ جوڙيل قانونن تي عمل درآمد ڪرايو ويندو، ننڍي عمر جون شاديون ڪرائڻ غير قانوني آهن جنهن جي سزا پڻ آهي، ٻارڙن کان جبري پورهيو وٺڻ غير قانوني آهي، ڪنهن به اسڪول مدرسي ۾ پڙهندڙ ٻارڙن تي استادن پاران تشدد کي روڪڻ لاءِ سنڌ سرڪار پاران قانون سازي ڪئي وئي آهي، هن چيو ته ڪوبه ٻار اگر لاوارث حالت ۾ هٿ اچي ته ان بابت حد جي ٿاڻي ۽ چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ کي فوري اطلاع ڪيو وڃي، اهڙو اظهار ڊپٽي ڊائريڪٽر چائلڊ پروٽيڪشن سيد ھدايت حسين لڪياري دادو ۾ ٻارڙن جي تحفظ لاءِ سنڌ حڪومت پاران قائم ڪيل اداري چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ پاران سماجي تنظيم سپر ويلفيئر ڪميونٽي آرگنائيزيشن جي سهڪار سان ٻارن جي حقن ۽ تحفظ بابت جوڙيل قانون تي جاڳرتا ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو، ورڪشاپ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر سيد هدايت علي شاهه، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر علي مرتضيٰ ڪولاچي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر هيومن رائيٽس غلام محمد سولنگي، وومين ڊولپمينٽ کاتي جي نظيران سومرو، سوشل ويلفيئر کاتي جي اختيار بيگم، عبدالوحید سميجو، سماجي تنظيم سپر ويلفيئر ڪميونٽي آرگنائيزيشن صدر خيرالنساءَ بروھي سميت مختلف سول سوسائيٽي جي عورت مرد اڳواڻن ۽ ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي، سکيا ورڪشاپ ۾ دادو اندر قائم ٿيل سرڪاري ادارن ۽ انهن جي ڪمن بابت ڳوٺاڻن کي ڄاڻ ڏني وئي، ان موقعي تي چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر پاران ٻارن جي حقن ۽ تحفظ لاءِ ٺهيل هينڊ بل پڻ تقسيم ڪيا،