سنڌ جون خبرونقومي خبرون

دادو دادو ويجهو ڳوٺ عيسيٰ ٻٻر ۾ زمين تي قبضي خلاف ڪالھ ٻئين ڏينهن به سنڌ جي نامور شاعر مرحوم احمد خان مدهوش جي نياڻي سراپا احتجاج

دادو دادو ويجهو ڳوٺ عيسيٰ ٻٻر ۾ زمين تي قبضي خلاف ڪالھ ٻئين ڏينهن به سنڌ جي نامور شاعر مرحوم احمد خان مدهوش جي نياڻي سراپا احتجاج، زمنين تي قبضو گذريل 5 ڏينھن کان گهر وڃڻ جو رستو بند، دادو ويجهو ڳوٺ عيسيٰ ٻٻر ۾ زمين تي قبضي خلاف سنڌ جي نامور شاعر مرحوم احمد خان مدهوش جي نياڻي جهان بانو سومرو پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ سندس مڙس غلام عباس جويو، نياڻي تنزيلا جويو ، عائشه، علي گوهر جويو، منصور جويو، ممتاز جويو، صدام جويو سان گڏ دادو پريس ڪلب اڳيان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي ڌرڻو هنيو ۽ قبضه مافيا خلاف سخت نعريبازي ڪئي، مظاهرين الزام لڳائيندي چيو ته ٻٻر برادري جي ماڻهن عمر ٻٻر، عبدالرحمان ٻٻر ۽ ٻين اسان جي 14 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪري اسان جو رستو بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب گهر اندر به نه ٿا وڃي سگهون، اهڙي شڪايت مخدوم بلاول ٿاڻي تي به ڪئي آهي مگر حد جي پوليس ڪا به داد رسي نه ڪئي جنهن ڪري مان پنهنجي گهر ڀاتين سميت سراپا احتجاج آهيان، جهان بانو سومرو چيو ته منھنجو بابا احمد خان مدھوش قومي، عوامي شاعر ھو، ھن سڄي زندگي قوم ۽ ادب جي خدمت ڪئي، امن جو درس ڏنو مگر ھن وقت اسان جي مدد ڪرڻ وارو ڪير به ناھي ، ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ڪمشنر حيدرآباد ڊپٽي ڪمشنر دادو ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪندي چيو ته، فوري طور تي اسان سان انصاف ڪن ۽ قبضه مافيا جنهن ۾ هنن واضع طور تي دادو جي مشهور ٺيڪيدار پ پ پ اڳواڻ فيصل نائچ سميت پنهنجن مخالفن تي قانوني ڪاروائي لاءِ عمل ڪرائڻ لاءِ ۽ قبضو خالي نه ڪرايو ويو ته احتجاج جاري رکيو ويندو،

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button