سڪرنڊ نوابشاهه ۾ جي ڊبليو سي پاران سنڌو درياء مان غير قانوني ڪينال ڪڍڻ خلاف ھزارين ماڻھن جي اڳواڻي ۾

سڪرنڊ نوابشاهه ۾ جي ڊبليو سي پاران سنڌو درياء مان غير قانوني ڪينال ڪڍڻ خلاف ھزارين ماڻھن جي اڳواڻي ۾ جي ڊبليو سي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار علي خاصخيلي صوفي راڳي مانجھي فقير جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽرس ڪالوني کان احتجاجي ريلي ڪڍي جڏھن تہ ريلي مٿان شھرين وک وک تي گلن ورکا ڪئي ريلي شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي نوابشاھ پريس ڪلب پھتي جتي ھزارين ماڻھن ڌرڻو ھڻي غير قانوني ڪينالن خلاف نعريبازي ڪئي جتي ڌرڻي کي جي ڊبليو سي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار علي خاصخيلي صوفي راڳي مانجھي فقير جسقم اڳواڻ شعبان ماٽي مسعود شاه خير محمد لاکو سيد ناصر شاھ ايس ٽي پي اڳواڻ رفيق ملاح ايس يو پي زين ڀٽو شھيد ڀٽو اڳواڻ بابر مغيري عوامي تحريڪ اڳواڻ امير علي مغيري مسلم ليگ فنڪشنل اڳواڻ عبدالستار ڏاھري شيعا علماء ڪائونسل اڳواڻ مولانا محمد عالم مري جي يو آئي اڳواڻ مولانا احمد جمالي وڪيل اڳواڻ عبدالحفيظ کوسو مختيار رند اديب بخشل باغي سماجي اڳواڻ نوراحمد رند صحافي راج ڪماراوڏ رضامحمد سيال سائل لاکو ملنگ جتوئي عورت اڳواڻ خوشبو لنڊ رابعيه ڏاھري اصغر بابو رند خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياء تي غير قانوني ڪينال ٺاھي سنڌ جي ست ڪروڙ عوام جو قبرستان ٺاھيو پيو وڃي سنڌو درياء سنڌ جي ست ڪروڙ عوام جو جياپو ۽ اسان جي ايندڙ نسل جو مستقبل آھي جيڪڏھن وفاق سنڌ مان تڪراري ڪينال ڪڍڻ وارو منصوبو رد نه ڪيو ويو ته سنڌ سخت مزاحمت ڪندي جڏھن تہ ريلي ۾ نوابشاھ پريس ڪلب ٻانڌي دوڙ گپچاڻي بڇيري ڄام صاحب مھراڻ پريس ڪلب سٺ ميل دولتپور سڪرنڊ نواب ولي محمد شاھپور جهانيان سٺ ميل پريس ڪلب سانگھڙ ۽ نوشهروفيرو جي مختلف پريس ڪلب جي صحافين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جڏھن ته صوفي راڳي مانجھي فقير ۽ دلدار اوٺو
نامنظور نامنظور سنڌ ۾ ڪوئي ڪينال
وٺي هر هر جنم وٺبو ۽ ٻيا قومي ڪلام ڳائي خوب داد ورتو