ڪنڌ ڪوٽ ۾ امن امان قائم ڪرائڻ ۾ ناڪام ايس ايس پي کي جاڳائڻ لاء شھرين جو انوڪو احتجاج ايس ايس پي آفيس جي گيٽ کي پاڻي جا ڇھنڊا ھڻي پوليس کي جاڳائي امن جو مطالبو ڪيو ويو

ڪنڌ ڪو
ڪنڌ ڪوٽ ۾ امن امان قائم ڪرائڻ ۾ ناڪام ايس ايس پي کي جاڳائڻ لاء شھرين جو انوڪو احتجاج ايس ايس پي آفيس جي گيٽ کي پاڻي جا ڇھنڊا ھڻي پوليس کي جاڳائي امن جو مطالبو ڪيو ويو
تفصيل موجب ـ ڪنڌ ڪوٽ ال پارٽي موومينٽ ۽ شھري اتحاد پاران ضلعي ۾ غنڊا راڄ ـ ڀتاخوري ـ بدمعاشي ـ قبيلائي دھشتگردي ۽ بي گناھ شھرين جي قتل عام خلاف ڇھين ڏينهن تي به سوين شھرين گھنٽا گھر چوڪ تي احتجاجي ڪيمپ لڳائي ٻھ ڪلاڪ تائين احتجاج ڪندا رھيا امن امان ڏيو۔ بدامني ختم ڪرايو ڪنڌ ڪوٽ جي ڌرتي ڌڻين جي لڏپلاڻ بند ڪرايو ـ ڀتاخوري بند ڪيو جي زورداري نعريبازي بعد اڳواڻن ڊاڪٽر ميھر چند ـ حاجي حضور بخش مغل ـ دلمراد ڏاھاڻي ـ اڪرم باجڪاڻي ـ غلام مصطفي ميراڻي ـ ظريت بجاراڻي ـ والي ڏنو سنڌي ـ شاھنواز مرھٽو ـ جيوڻ خان ـ اي ڪي اوڳاھي ـ اصغر شيخ ـ ڇوٽو جکراڻي ـ سميت ٻين چيو ته پوليس ائين بدامني معاملي تي خاموش آهي ڄڻ امن ڏيڻ سندس ذميوار ۾ شامل ھي نه آهي ايس ايس پي زبير نظير شيخ ستل آهي پوليس ڏوھارين آڏو بي بس بڻيل آهي جنهن ڪري ڏوھاري بي خوف سرعام ڀتو وٺي رھيا آهن واپاري جيڪڏهن ڏوھارين جا نمبر بلاڪ ڪن ٿا ته سندس نوڪرن ڏي ڪال ڪن ٿس گھر ڀاتين کي فونون ڪن ٿا ايس ايس پي کي مڪمل تفصيل ڏيڻ جي باوجود ڪجھ به نه ٿي ڪري احتجاج ڪندڙ شھري ڪيمپ کان ايس ايس پي آفيس تائين احتجاجي مظاھرو ڪري ستل پوليس کي جاڳائڻ لاء پاڻي جا ڇھنڊا ھڻي انوڪو احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ويو احتجاج ڪندڙن جو چوڻ ھو ته اسين دنيا کي ٻڌائڻ ٿا چاھيون ته ڪنڌ ڪوٽ ضلع جي پوليس امن امان ڪرڻ بدران ستل آهي جنهن کي جاڳائي ڪنڌ ڪوٽ سميت ضلعي ۾ امن امان قائم ڪرايو وڃي ـ