سنڌ جون خبرونقومي خبرون

پاڪستان پيپلزپارٽيءَ صوبائي سنڌ جي سڏ تي ضلع قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي ھيڊڪوارٽر ۾ پ پ پ ضلع صدر حاجي قمر الدين گوپانگ ۽ ڊويزنل جنرل سيڪريٽري

قمبر شھدادڪوٽ
پاڪستان پيپلزپارٽيءَ صوبائي سنڌ جي سڏ تي ضلع قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي ھيڊڪوارٽر ۾ پ پ پ ضلع صدر حاجي قمر الدين گوپانگ ۽ ڊويزنل جنرل سيڪريٽريءَ اعجاز علي بروهي ضلع جنرل سيڪريٽريءَ لالا غلام محمد خان اسراڻ انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر نياز احمد چانڊيو سينئر نائب صدر حاجي محمد پنهل سومرو، قمبر ٽائون ريحان خان چانڊيو ضلعي باڊي جي عھديدارن سميت مختلف تعلقن سٽيزيز ٽائون جي صدور جنرل سيڪريٽريءَ انفارميشن سيڪريٽريز ذيلي ونگ سپاف يوٿ ونگ مينارٽي ونگ ليبر بيورو اڳواڻ احمد علي ڪلهوڙو نثار احمد عباسي چونڊيل نمائندن انجنيئرنگ فورم ڪلچرل ونگ ھاري ڪاميٽيءَ جي سوين ورڪرن ڪارڪنن جيالن ۽ وڳڻ ٽائون صدر۽ چيئرمين سردار خليل احمد خان وڳڻ ، جھانگير بدر عباسي ضميرحسين چانڊيو يوسي گھٽهڙ ڊسٽرڪٽ ميمبر محمد ايوب ٻرڙو چيئرمين رئيس شاھ غازي مغيري جنرل ڪائونسلر جهانگير ڪلھوڙو ۽ ٻين شرڪت ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا وڏي جلوس جي شڪل اختيار ڪري ڀٽا چوڪ وٽ پھتي ان موقعي تي خطاب ڪندي
پ پ پ ضلع قمبر شهدادڪوٽ جي صدر حاجي قمر الدين گوپانگ جنرل سيڪريٽري لالا غلام محمد خان اسراڻ ڊاڪٽر نياز احمد چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته پيپلزپارٽيءَ ھميشہ عوام جي بنيادي حقن جي ڳالهه ھر دؤر ۾ ڪئي آھي پيپلزپارٽيءَ ھر فورم تي سنڌو درياه مان 6ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڌرڻا تحريڪون قرار دادون پاس ڪرائيون آھن ملڪ ۾ جمھوريت جي بحاليءَ تائين جدوجهد جاري آهي ۽ جاري رهندي ۽ سنڌو درياه جي خوشحاليءَ سرسبز شاداب زمينون جي ھميشہ ضمانت ڏيندڙ پارٽيءَ رھي آھي ھنن وڌيڪ چيو تہ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي چئيرمين جناب بلاول ڀٽو زرداري کان وٺي ڪارڪن ورڪر جيالا سنڌوءَ درياءَ مٿان 6 تڪراري ڪئنال اڏڻ ڊيم ٺاهڻ خلاف پيپلزپارٽيء پاڻ ھميشہ ملھايو آھي اڄ ثابت ڪري ڇڏيو تہ قمبر شهدادڪوٽ سمورو ضلعو پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو مضبوط ترين ڳڙھ آھي اسين پنھنجي قائد بلاول ڀٽو زرداري ڪو چئيرمين آصف علي زرداي جي قيادت مٿان مٿان مڪمل اعتماد جو اظھار ڪيون ٿا

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button