ميرپور خاص ڊپٽي ڪمشنر ميرپور خاص ڊاڪٽر رشيد مسعود خان چيو آهي ته ويڪسينيٽر ٻارن کي 12 مختلف موذي بيمارين کان بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا

ميرپور خاص ڊپٽي ڪمشنر ميرپور خاص ڊاڪٽر رشيد مسعود خان چيو آهي ته ويڪسينيٽر ٻارن کي 12 مختلف موذي بيمارين کان بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن اهڙو اظهار دربار هال ۾ ويڪسينيشن مهم دوران شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ويڪسينيٽرن ۽ ليڊي هيلٿ وزٽرز ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون ورهائيندي ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر ميرپور خاص ڊاڪٽر رشيد مسعود خان وڌيڪ چيو ته پوليو جي بيماري کي روڪڻ ۾ حفاظتي ٽڪن جو پڻ اهم ڪردار شامل هجي ٿو ، تنهن ڪري ويڪسينيٽرز والدين کي پابند ڪن ته هو حفاظتي ٽڪن دوران پنهنجن ٻارن کي ويڪسين لڳرائين . ان موقعي تي ضلعي صحت آفيسر ڊاڪٽر امجد اعظم بلوچ چيو ته ويڪسينيٽرن جي سٺي ڪارڪردگي جي ڪري ويڪسينيشن مهم دوران ويڪسينيشن جي ڪارڪردگي بهتر ٿي آهي ۽ اميد آهي ته ويڪسينيٽرن مستقبل ۾ به ساڳئي جذبي سان ڪم ڪندا. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو فيصل ع…