دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرون

سانگهڙ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ عبدالمجيد زهراني چيو آهي ته پوليو جو خاتمو اسانجي ايندڙ نسلن کي محفوظ ۽ صحتمند مستقبل فراهم ڪرڻ لاءِ نهايت ضروري آهي

سانگهڙ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ عبدالمجيد زهراني چيو آهي ته پوليو جو خاتمو اسانجي ايندڙ نسلن کي محفوظ ۽ صحتمند مستقبل فراهم ڪرڻ لاءِ نهايت ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار انهن 21 اپريل 2025 کان 27 اپريل تائين جاري رهندڙ پوليو جي خاتمي واري مهم جي حوالي سان ٿيل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيا.
ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر صحت کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته وئڪسين جي ڪول چين برقرار رکڻ لاءِ مناسب بندوبست ڪيا وڃن ۽ مائڪرو پلان تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي.
ضلع هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر دولت جمالی اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي جي پنجن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي پوليو کان بچائو جا ڦڙا پيارڻ واري مهم لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.
ان موقعي تي سمورن تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنر، تعلقه هيلٿ آفيسر، ايڊيشنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ جمشد قائم خاني، تعليم آفيسر لياقت چانڊيو ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر به موجود هئا.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button