سنڌ جون خبرونقومي خبرون

قمبر شھدادڪوٽوڳڻ ۾ سنڌو درياھ مٿان تڪراري 6 ڪئنال اڏڻ سميت ھارين ۽ آبادگارن جي حقن خاطر مختلف پارٽين طرفان گڏيل طور جدجهد ڪرڻ جو اعلان

قمبر شھدادڪوٽوڳڻ ۾ سنڌو درياھ مٿان تڪراري 6 ڪئنال اڏڻ سميت ھارين ۽ آبادگارن جي حقن خاطر مختلف پارٽين طرفان گڏيل طور جدجهد ڪرڻ جو اعلان ،

خبر موجب وڳڻ جي سياسي سماجي تنظيمن جماعت اسلامي ، سجاڳ نوجوان اتحاد ، المغيري نوجوان سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن ، وڳڻ عوامي حقوق اتحاد ۽ ٻين شھرين جي طرفان سنڌو درياھ تي ڌاڙو هڻڻ ، سنڌو مٿان غير قانوني طور ڇھ ڪئنال اڏڻ خلاف ۽ ھارين کان ڪڻڪ جي خريداري ڪري مناسب اگھ ڏيڻ ۽ بدامني ، ڦرن ، ڌاڙن ۽ سماجي براين خلاف 11 اپريل جو جمعي تي مک چوڪ تي احتجاجي مظاھري جو اعلان ڪيو ويو جنھن ۾ شھرين ، ھارين ، آبادگارن ، شاگردن ، وڪيلن ، اديبن ليکڪن ، دانشورن ، سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ زميندارن کي شرڪت جي اپيل ڪئي وئي آهي ان سلسلي ۾ اڳواڻن گلاب خان وڳڻ ، وڪيل يار محمد مغيري ، ڪامريڊ غلام حسين مغيري ، الطاف وڳڻ ، حافظ عبدالخالق پنهور ۽ ٻين چيو تہ سنڌو درياھ کي سڪائڻ ظالم حڪمرانن جي سازش رهي آهي درياھ اسان سڀنين جي زندگي آهي جيوت لا۽ بہ پاڻي ضروري آهي سنڌ جو ھر فرد درياھ تي ڌاڙو قبول نہ ڪندو ، جڏھن تہ سنڌ جو عوام باشعور ٿي چڪو آهي حڪمرانن کي سنڌو درياھ مان تڪراري منصوبا بند ڪرڻا پوندا

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button