ٽنڊوڄام ٽنڊوڄام ٽي ڏينهن اڳ تشدد ۾ فوت ٿيل نوجوان جي قتل ۾ بي گناھ گرفتار ٿيل شاهو ٺاڪر جي وارثن پاران ٽنڊوڄام پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو

ٽنڊوڄام ٽنڊوڄام ٽي ڏينهن اڳ تشدد ۾ فوت ٿيل نوجوان جي قتل ۾ بي گناھ گرفتار ٿيل شاهو ٺاڪر جي وارثن پاران ٽنڊوڄام پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ۽ پريس ڪانفرنس. خبر موجب ٽنڊوڄام ٽي ڏينهن اڳ مير پاڙي جي 19 سالن جي نوجوان اورنگزيب مغل کي جن هجڻ ڪري گهر ۾ تشدد دوران فوت ٿي ويو هو، جنهن بعد ٽنڊوڄام پوليس پاران لاش کي تحويل ۾ وٺي جانچ شروع ڪئي جنهن ۾ بهاول زنئور واسي شاهو ڪولهي کي گرفتار ڪرڻ خلاف سندس وارثن پاران ٽنڊوڄام پوليس خلاف ميڊيا سينٽر تي پھچي احتجاجي مظاهرو ۽ پريس ڪانفرنس ڪندي پوليس مٿان الزام هنيو آهي ته ٽنڊوڄام پوليس ٽنڊوالهيار ڪواٽر اسٽاپ جي عامل حاجي لغاري کان ڳري رشوت وٺي ڪيس مان آجو قرار ڏئي شاهو ٺاڪر کي بيگناھ ڦاسايو ويو آهي اسان ايس ايس پي حيدرآباد کان مطالبو ٿا ڪريون ته تشدد دوران معصوم نوجوان جي قتل ۾ ملوٿ حقيقي جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ حيدرآباد ايس ايس پي آفيس اڳيان سوين وڪيلن سان گڏجي پر امن احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو