سنڌ جون خبرونقومي خبرون

ٺري ميرواھ سان تعلق رکندڙ صحافي اي ڊي شر جي بيهيمانا قتل خلاف ڪشمور ۾ صحافتي برادري، سول سوسائٽي، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين پاران سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،

ڪشمور:
ٺري ميرواھ سان تعلق رکندڙ صحافي اي ڊي شر جي بيهيمانا قتل خلاف ڪشمور ۾ صحافتي برادري، سول سوسائٽي، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين پاران سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ قاتلن جي فوري گرفتاري ۽ کين مثالي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو، احتجاج عوامي پريس ڪلب ڪشمور جي سڏ تي ڪڍيو ويو، جنهن ۾ نيشنل پريس ڪلب جي صدر زبير ڪلوڙ، ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري شريف ڄامڙو، پريس ڪلب ڪشمور جي صدر سيد وسيم شاهه، سينيئر صحافي رشيد ميمڻ، حاڪم نصيراني، اقرار فراس، عبدالحميد ملڪ، رفيق چنه، شهري ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين حاڪم ڀٽي سميت ٻين صحافين، سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، احتجاجي ريلي شهر جي مختلف رستن تان گذري ڊسٽرڪٽ عوامي ر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهري جي شڪل اختيار ڪئي مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيا هئا، جن تي "صحافت ڏوهه ناهي اي ڊي شر جي قاتلن کي گرفتار ڪيو”، صحافت جي آزادي جو تحفظ ڪيو وڃي جا نعرا لکيل هئا۔ مظاهرين قاتلن خلاف نعريبازي ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اي ڊي شر جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري کين مثالي سزا ڏني وڃي، احتجاج کي خطاب ڪندي نيشنل پريس ڪلب جي صدر زبير ڪلوڙ چيو ته ملڪ اندر صحافتي آزادي تي حملن ۾ واڌ اچي وئي آهي، اي ڊي شر جو قتل ان سلسلي جي ڪڙي آهي، جنهن کي برداشت نه ڪيو ويندو۔ هن چيو ته رياست کي اهڙن ڪيسن ۾ فوري قدم کڻڻ گهرجن ته جيئن صحافين ۾ تحفظ جو احساس پيدا ٿي سگهي، ڊسٽرڪٽ عوامي پريس ڪلب ڪشمور جي صدر سيد وسيم شاهه چيو ته صحافين کي هڪ هڪ ڪري نشانو بڻايو پيو وڃي، هڪ جي قاتلن کي سزا نه ٿي ملي ته ٻئي صحافي جو لاش ملي ٿو، اي ڊي شر جو قتل ناقابل برداشت آهي، ۽ اسان ان خلاف هر فورم تي آواز بلند ڪنداسين، ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري شريف ڄامڙو چيو ته جيڪڏهن رياست هاڻ به خاموش رهي ته صحافت جو وجود خطري ۾ پئجي ويندو، حڪومت کي گهرجي ته قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي صحافتي برادري جو اعتماد بحال ڪري، ٻين ڳالهائيندڙن چيو ته صحافين کي تحفظ ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي، جيڪڏهن صحافت ئي محفوظ نه هوندي ته سچ سامهون ڪيئن ايندو؟ هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اي ڊي شر جي قتل جا جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، مظاهرين مطالبو ڪيو ته قاتلن کي فوري گرفتار ڪري مثالي سزا ڏني وڃي، ته جيئن ايندڙ وقت ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام ٿي سگهي۔

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button