پ پ شهيد ڀٽو گروپ ۽ پي ٽي آئي ڪارڪنن طرفان گھارو شھر ۾ سنڌو ڌريا تي ڪئنال اڏڻ خلاف ۽ معصوم فلسطيني مسلمان ڀائرن سان اظھار يڪجھتي طور ريلي ڪڍي وئي

ٺٽو
پ پ شهيد ڀٽو گروپ ۽ پي ٽي آئي ڪارڪنن طرفان گھارو شھر ۾ سنڌو ڌريا تي ڪئنال اڏڻ خلاف ۽ معصوم فلسطيني مسلمان ڀائرن سان اظھار يڪجھتي طور ريلي ڪڍي وئي ريلي شھر جو گشت ڪرڻ بعد مين بس اسٽاپ وٽ پھتي جتي اڳواڻن پ پ شهيد ڀٽو يوٿ صدر ضمير شاھ بخاري ،لقمان ڪاتيار ، شبير عباسي ، رشيد خاصخيلي ، شاھزيب ٿھيم ، زوھيب بلوچ ، آصف جوکيو گلبھار چانڊيو ۽ پي ٽي آئي پاران مظفر شاھ بخاري ،حاجي محسن ٿھيم ،شاھد ٿھيم خطاب ڪندي چيو ته فلسطين ۾ بيگناھ مسلمانن جو قتل عام ڪيو پيو وڃي پيو جنھن ۾ معصوم ٻارڙن تي به ظلم ڪيو پيو وڃي ھن ظلم خلاف اسان سڀني کي گڏجي جھاد ڪرڻ گھرجي جيڪڏھن اسين ھنن معصوم بيگناھن وٽ پھچي نه ٿا سگھون ته اسين ھنن سان اظھار يڪجھتي طور سگھارو آواز ٿي احتجاج ريڪارڊ ڪرايون ۽ ڪئنالن خلاف ڳالھائيندي چيو ته سنڌو ڌريا مان جيڪي ڇھ نوان ڪئنال اڏجي رھيا آھن اھو سنڌ جي جياپي ۽ سنڌ جي مستقبل جو مسئلو آھي جيڪڏھن سنڌو ڌريا نه بچندو ته اسان جي زراعت ۽ معيشت مڪمل تباھ ٿي ويندي آخر ۾ ھنن سنڌ جي عوام کي ڪئنالن خلاف جونئير ذوالفقار ڀٽو سان گڏجي پروز جھدوجھد ڪرڻ جي اپيل ڪئي اسرائيلي جارحيت ۽ ڪئنالن خلاف شديد نعريبازي ڪئي