دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرونقومي خبرون

ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن بلال احمد ميمڻ پنھنجي ھڪ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت ميرپور ساڪرو ۽ ٺٽو تعلقن جي حدن ۾ واقع واهن ۾ ترڻ،

ٺٽو

ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن بلال احمد ميمڻ پنھنجي ھڪ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت ميرپور ساڪرو ۽ ٺٽو تعلقن جي حدن ۾ واقع واهن ۾ ترڻ، وهنجڻ ۽ ٻين سڀني غير مجاز سرگرمين تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. نوٽيفڪيشن موجب قلم 144 اڄ 11 اپريل 2025 کان لاڳو ٿي ويو آهي ۽ اهڙي پابندي 9 جولاءِ 2025 تائين لاڳو رهندي. نوٽيفڪيشن تحت قلم 195 (1) (a) جي مطابق لاڳاپيل پوليس اسٽيشنن جي پوليس آفيسرن کي اختيار ڏنو ويو آهي ته اهي هن حڪم جي خلاف ورزي ڪندڙ ڪنهن به شخص خلاف قلم 188 پي پي سي تحت شڪايت درج ڪري سگهن ٿا. واضح رهي ته ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو، ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن کي آگاهه ڪيو هو ته گرمين جي موسم شروع ٿيندي ئي وڏي انگ ۾ ماڻهو کليل واهن ۾ ترڻ ۽ وهنجڻ جي سرگرمين ۾ مصروف رھڻ جي سبب ٻڏڻ جا ڪيترائي افسوسناڪ واقعا پيش آيا ۽ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيون. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته کليل ڪينال ھئڻ ڪري عوام جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ ۾ ضلعي انتظاميا کي اهم چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ھُن درخواست ڪئي ته تعلقي ميرپور ساڪرو ۽ تعلقي ٺٽي ۾ قلم 144 تحت واهن ۾ وھنجڻ، ترڻ ۽ ٻين غير مجاز سرگرمين تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي ته جيئن وڌيڪ قيمتي جانين جي نقصان کان بچي سگهجي.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button