سنڌ جون خبرونعالمي

تنگواڻي ۾ سني رابطا ڪائونسل ۽ پاڪستان راه حق پارٽي ضلع ڪشمور تعلقہ تنگواڻي پاران فلسطين جي حق م اسرائيل مردہ باد ريلي ڪڍي وئي

تنگواڻي
تنگواڻي ۾ سني رابطا ڪائونسل ۽ پاڪستان راه حق پارٽي ضلع ڪشمور تعلقہ تنگواڻي پاران فلسطين جي حق م اسرائيل مردہ باد ريلي ڪڍي وئي
ريلي جي اڳواڻي مولانا شاه مور بلوچ ڊاڪٽر محمد قاسم فاروقي محمد وسيم شھزادہ حيدري مھتاب علي محمد ڪاشف شیراز احمد سیف الرحمان بکراٹی ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن ۽ شھرين شرڪت ڪئي
ان موقعي تي اڳواڻن شرڪاء کي خطاب ڪندي چيو ته فلسطين ۽ غزه مٿان اسرائيل ظلم جا پهاڙ ٽوڙي ڇڏيا آهن, اسرائيلي بربريت, ظلم, ڏاڊ ۽ ستم تي عالم اسلام ڇو خاموش آهي۔
ھنن وڌيڪ چيو ته اسرائيل غزه جي معصوم شهرين مٿان گذريل ڪيتري ئي عرصي کان وٺي بمباري ڪري رهيو آهي هزارن جي تعداد ۾ شهري, عورتون ۽ معصوم ٻار شهيد ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ۽ معذور پڻ ٿي چڪا آهن غزه مڪمل طور تي تباه ٿي چڪو آهي جيڪو کنڊرات جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي, اهڙي وحشيانه ڪاروائين تي عالم اسلام جي خاموشي ڳڻتي جوڳي آهي ۽ سمجھ کان بالاتر آهي۔ هنن وڌيڪ چيو ته اگر پاڪستان جا مسلمان فلسطينين لاء ٻيو ڪجھ نٿا ڪري سگهن ته گهٽ ۾ گهٽ اسرائيلي مصنوعات جو بائيڪاٽ ته ڪري سگهن ٿا جيئن اسرائيل معاشي طور ڪمزور ٿي سگهي, اسرائيل صرف پاڪستان مان ڪوڪ ۽ پيپسي جي پراڊڪٽ مان 2100 سؤ ارب کان وڌيڪ ڪمائي رهيو آهي ۽ ان ئي پئسي مان اسرائيل بارود ۽ اسلحو خريد ڪري معصوم مسلمانن جو قتل عام ڪري رهيو آهي, اها ته صرف ٻن پروڊڪٽ جي ڪمائي آهي ان کان علاوه ڪيتريون ئي ٻيون پروڊڪٽ آهن جن مان اسرائيل اربين روپيه ڪمائي رهيو آهي۔ اسان پنهنجي ملڪ جي مهذب شهرين کي پرزور اپيل ۽ مؤدبانه التجا ٿا ڪريون ته اسرائيل کي معاشي طور ڪمزور ڪرڻ جو حل صرف اسرائيلي پروڊڪٽ جو بائيڪاٽ ڪرڻ ئي آهي, آخر ۾ مسلم دنيا جي حڪمرانن مئل ضمير ۽ غيرت ايماني کي جاڳائڻ لاء دعا پڻ گهري وئي۔

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button