سنڌ جون خبرونقومي خبرون

سنڌ حڪومت گڏيل منصوبي تحت آبي زراعت زون قائم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

ٺٽو

سنڌ حڪومت گڏيل منصوبي تحت آبي زراعت زون قائم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
آبي زراعت جو علائقو سنڌ ۾ جهينگن ۽ ماھيگيري جي شعبي کي فروغ ڏيندو. سيد قاسم نويد قمر.
وزير اعليٰ سنڌ جي سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بابت خاص مددگار سيد قاسم نويد قمر گهارو ۾ 600 ايڪڙن تي پکڙيل جهينگا فارمنگ سائيٽ جو دورو ڪيو.
وزير اعليٰ سنڌ جي سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بابت خاص مددگار سيد قاسم نويد قمر اڄ گهارو
۾ راوہ ايڪوا ڪلچر فارمن جو دورو ڪيو. جهينگا فارمنگ جي ھن منصوبي کي سيڙپڪاري کاتي جي اداري سنڌ انٽرپرائز ڊولپمينٽ فنڊ (SEDF) ذريعي سنڌ حڪومت جي مدد حاصل آهي. 600 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل هي منصوبو پاڪستان ۾ جهينگا فارمنگ جو هڪ سنگ ميل منصوبو آهي، جنهن جي مڪمل ٿيڻ تي 500 کان وڌيڪ سڌي طرح نوڪريون ۽ 100 ملين ڊالر کان وڌيڪ برآمدي آمدني پيدا ٿيڻ جي اُميد آهي. پنهنجي دوري دوران سيد قاسم نويد قمر سنڌ ۾ راوا فارمز ۽ ٻين آبي زراعت جي منصوبن جي واڌاري لاءِ سنڌ حڪومت طرفان هر ممڪن مدد جو يقين ڏياريو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن جي مطابق سنڌ حڪومت صوبي ۾ روزگار ۽ معاشي استحڪام جي موقعن لاءِ آبي زراعت، ماهيگيري ۽ جهينگا فارمنگ جي شعبن ۾ ترقي ۽ واڌاري لاءِ هڪ خاص آبي زراعت زون قائم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي سنڌ انٽرپرائز ڊولپمينٽ فنڊ جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر خضر پرويز، سنڌ اڪنامڪ زون مئنيجمينٽ ڪمپني (ايس اي زي ايم سي) جو سي اي او عبدالعظيم عقيلي ۽ ارنسٽ اينڊ ينگ جا نمائندا پڻ موجود هئا

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button