سنڌو مان غير قانوني 6 ڪينال ڪڍڻ ۽ فلسطين ۾ جاري ظلم خلاف شيعا علماء ڪائونسل ضلع ڪشمور جي صدر جميل احمد، سيد رحم علي شاھ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو

ڪنڌڪوٽ
سنڌو مان غير قانوني 6 ڪينال ڪڍڻ ۽ فلسطين ۾ جاري ظلم خلاف شيعا علماء ڪائونسل ضلع ڪشمور جي صدر جميل احمد، سيد رحم علي شاھ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ۽ ريلي تفصيل موجب
شيعه علماء ڪائونسل پاڪستان، سنڌ صوبي جي صدر، علامه سيد اسد اقبال زيدي جي سڏ تي، سنڌو درياءَ مان ڪينال ۽ فلسطيني عوام تي ٿيندڙ ظلمن خلاف، مدرسه ارشاد الثقلين کان پريس ڪلب ڪنڌڪوٽ تائين هڪ پرامن احتجاجي مظاهرو ۽ ريلي ڪڍي وئي ريلي کي خطاب ڪندي ڪندي خطاب ڪندي، مولانا ادب حسين نجفي، جميل احمد، سيد رحم علي شاھ، ولي محمد سھرياڻي، سجاد احمد بروھي, شاھ علي سھرياڻي ۽ ٻين چيو ته پاڻي جياپو آهي سنڌو درياءَ تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ ھڻڻ نه ڏيندا سين ھنن وڌيڪ چيو آهي ته گرين پاڪستان تي نالي تي گرين سنڌ کي بنجر بڻائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي جيڪو پوري سنڌ جي عوام ان منصوبي کي رد ڪري سراپا احتجاج بڻيل آهي اسين وقت جي حڪمرانن کان مطالبو ٿا ڪريون ته فوري طور سنڌو درياءَ تان ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي کي واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ سنڌي عوام رت ته ڏيئي سگهي ٿي پر سنڌ مٿان ڪا به سوديبازي قبول نه ڪئي ويندي. ھنن وڌيڪ چيو ته فلسطين جي خالي ھٿين عوام مٿان اسرائيل جو ظلم ۽ بربريت ناقابل برداشت آھي اقوام متحدہ فوري نوٽيس وٺي مظلوم فلسطيني عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي انھي موقعي آل پارٽيز ، شهري اتحاد، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، صحافين، عالمن، تنظيمي اڳواڻن، سيد قاسم علي شاھ، اڪبر علي گولو، سيد گامڻ علي شاه، راجا سنجراڻي،نديم بزمي، نويد علي شيخ، استاد زوار حسين شيخ سميت مومنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي