سنڌ جون خبرونقومي خبرون

جماعت اسلامي پاران فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندين اسرائيلي جارحيت خلاف سيٺارجا ۾ جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ممتاز حسين سهتو

سيٺارجا
جماعت اسلامي پاران فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندين اسرائيلي جارحيت خلاف سيٺارجا ۾ جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ممتاز حسين سهتو . ضلعي امير امتياز حسين سهتو . شهري اتحاد جي صدر رسول بخش سهتو . پ ٽ الف اڳواڻ محمد اڪرم راڄپر . در محمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حرا پبلڪ اسڪول کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي شاهي بازار کان ٿيندي پوليس اسٽيشن سيٺارجا ختم ٿي جنهن ۾ مختلف تنظيمن ۽ مذھبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي کي خطاب ڪندي ممتاز حسین سهتو ايڊووڪيٽ ۽ ٻين مقررين چيو ته اسرائيل ۽ آمريڪا پاران فلسطين جي مسلمانن سان ٿيندڙ ظلم ڪربلا جي ياد تازي ڪري ڇڏي آهي پر افسوس ته 2 . ارب کان وڌيڪ مسلمانن مان وڏي اڪثريت ڪوفين وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ مسلم حڪمران پڻ هن قتل عام تي اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن هن چيو تہ اسان پنهنجن فلسطيني ڀائرن تي ٿيندڙ ظلم تي خاموش نٿا رهي سگهون. اسرائيل انساني حقن، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ هر اخلاقي اصول کي لتاڙيو آهي. اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اسرائيل خلاف فوري ۽ اثرائتي قدم کنيا وڃن . هنن ملڪ جي مسلمانن کي چيو ته هو اسرائيل جي مصنوعات جي استعمال جو بائيڪاٽ ڪن جيئن ان جي معاشي سگه کي ڪمزور ڪري سگهجي .

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button