سنڌ جون خبرونقومي خبرون

پاڪ سول آرگنائزیشن ضلع خيرپور ميرس جي گڏجاڻي تاج هوٽل تي ٿي گذري. اسان کي فخر آهي ته اسان وٽ هڪ اهڙي فوج آهي

سيٺارجا
پاڪ سول آرگنائزیشن ضلع خيرپور ميرس جي گڏجاڻي تاج هوٽل تي ٿي گذري. اسان کي فخر آهي ته اسان وٽ هڪ اهڙي فوج آهي جيڪا ڏينهن رات اسان جي ۽ اسان جي ملڪ جي حفاظت لاءِ تيار رهي ٿي. سڪندر علي ابڙو. اسان پاڪ فوج سان هر محاذ تي گڏ بيٺل آهيون، دفاع ڪندا رهنداسين ۽ وقت اچڻ تي جانيون به قربان ڪنداسين. سيد عرفان حيدر شاھ. تفصيل خبر موجب :
پاڪ دفينڊر سول آرگنائزیشن پاڪستان ضلع خيرپور ميرس جي گمبٽ تاج هوٽل ۾ ميٽنگ ٿي گذري جنهن ۾ پاڪ ڊفينڊر سول آرگنائزیشن پاڪستان جي چيئرمين سڪندر علي ابڙو سينئر وائيس چيئرمين پاڪستان سلمان علي ابڙو پاڪ ڊفينڊر سول آرگنائزیشن پاڪستان ڊويزن لاڙڪاڻه جنرل سيڪريٽري محمد عثمان مهيسر ضلع قمبر شهدادڪوٽ يوٿ ڪوآرڊينيٽر شاهنواز ٻگهيو جن مهمان خاص طور شرڪت ڪئي. ميٽنگ جي اڳواڻي پاڪ ڊفينڊر سول آرگنائزیشن ضلع خيرپور ميرس صدر سيد عرفان حيدر شاھ سينئر نائب صدر نثار احمد آرائين ۽ جنرل سيڪريٽري سيد زبير علي شاھ بخاري ۽ جوائنٽ سيڪريٽري ساجد علي آرائين ڪئي. ميٽنگ ۾ پاڪ ڊفينڊر سول آرگنائزیشن سٽي راڻيپور جي صدر ايڊوڪيٽ افتخار علي شاهاڻي نائب صدر گلبهار شيخ، صوڀوديرو تعلقه صدر سيد اصغر علي شاھ ھنڱورجا سٽي صدر منٺار علي سولنگي ۽ سيٺارجا سٽي صدر محمد ياسين آرائين نائب صدر علي آرائين ۽ جوائنٽ سيڪريٽري جميل احمد جاگيراڻي جن شرڪت ڪئي. اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان آرمي اسان جي ملڪ لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن. اسان پاڪستان آرمي ۽ پاڪستاني ادارن سان هر محاذ تي گڏ بيٺل آهيون. تا قيامت تائين ملڪ پاڪستان سلامت رھندو ۽ تيستائين اسان جون قربانيون به جاري رهنديون. اسان جي ملڪ لاءِ جوانن جون ڏنل قربانيون هميشه ياد رکيو وينديون. پاڪ فوج جا سپاهي اهي بهادر ماڻهون آهن جيڪي ذات پات، رنگ نسل کان هٽي ڪري قوم لاءِ جي رهيا آهن ۽ خدمت ڪري رهيا آهن. پاڪ فوج جا جوان پنهنجي جان تريءَ تي رکي ميدا ۾ لهندا آهن ڇو جو اهي ڄاڻن پيا ته شهادت کان وڌيڪ ڪو اعزاز ناهي. اسان کي فخر آهي. ته اسان وٽ هڪ اهڙي فوج آهي جيڪا ڏينهن رات اسان جي ۽ اسان جي ملڪ جي حفاظت لاءِ تيار رهي ٿي. اسان پاڪ فوج سان هر محاذ تي گڏ بيٺل آهيون ۽ دفاع ڪندا رهندا سين وقت اچڻ تي جانيون به قربان ڪنداسين. اڳواڻن پاڪ فوج زنده آباد پاڪستان پائينده آباد جا نعرا پڻ هنيا.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button