سنڌ جون خبرونعالمي

قمبر شھدادڪوٽوڳڻ ۾ جمعيت علماء اسلام ضلع قمبر شھدادڪوٽ طرفان مجلس عامله ۽ تمام تعلقن جي امير ۽ جنرل سيڪريٽرين جو گڏيل اجلاس مدرسه دارالعلوم القرآن والحديث نورنگ شريف ۾ ڪوٺايو ويو

قمبر شھدادڪوٽوڳڻ ۾ جمعيت علماء اسلام ضلع قمبر شھدادڪوٽ طرفان مجلس عامله ۽ تمام تعلقن جي امير ۽ جنرل سيڪريٽرين جو گڏيل اجلاس مدرسه دارالعلوم القرآن والحديث نورنگ شريف ۾ ڪوٺايو ويو جنهن ۾ تمام عامله جي ميمبرن سميت تمام تعلقن جي امير ۽ ناظم عمومين شرڪت ڪئي، پروگرام جي شروعات قرآن مجيد جي تلاوت سان ڪئي وئي تلاوت ڪلام پاڪ قاري محمد حنيف ڇٽو ڪئي جڏھن ته اجلاس جي ڪارروائي ضلعي سيڪريٽري جنرل حافظ محمد عزير گل جاگيراڻي هلائي اجلاس ۾ سنڌو درياءَ مٿان وفاق طرفان غير شرعي غير قانوني طور سنڌو درياء مٿان 6 ڪئنالن جي اڏاوت خلاف قرارداد پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي جي يو آء اڳواڻن مولانا گل انقلابي، مولوي منير پنھور، حافظ عزير جاگيراڻي، قاري نديم ٻگھيو، عبدالقدوس واھوچيو ۽ ٻين چيو جمعيت علماء اسلام سنڌو درياء مٿان ٺھندڙ ڇھن ڪئنالن خلاف تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آھي ان سلسلي ۾ جي يو آء صوبه سنڌ طرفان 17 اپريل تي وڳڻ جي مدرسه مظهر الھدا ۾ عظيم الشان سنڌو بچايو سنڌ بچايو جي عنوان سان ڪانفرنس ڪوٺائڻ ۽ 26 اپريل تي ضلعي ھيڊڪوارٽر قمبر ۾ سنڌو مٿان اڏجندڙ ڪئنالن خلاف احتجاج ڪيو ويندو جنھن ۾ جي يو آء سنڌ جو جنرل سيڪريٽري علامه راشد خالد محمود سومرو سميت ٻين پارٽين جا اڳواڻ پڻ شرڪت ڪندا ان موقعي تي ڪئنالن خلاف ھلندڙ تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويندو جڏھن ته ايندڙ بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان جي يو آء پاران ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي تمام تعلقن ۽ يوسين ۾ وارڊ وائيز محنت جاري ڪري ڇڏي آهي انشاءالله ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ هر هڪ وارڊ تي جماعت جو نمائندو بيھاريو ويندو ۽ سنڌ جي عوام جو رت چوسيندڙ سردارن وڏيرن پيرن ۽ ميرن مان سنڌ جي غريب مسڪين ماروئڙن جي جان آجي ڪرائي کين پنھنجا ھمدرد ۽ نج عوامي مسئلا حل ڪندڙ اميدوار اجلاس ڏنا ويندا جيڪي سندن مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي سگھ رکن ڪوٺايل اجلاس ۾ تمام تعلقن جي جماعت کي پابند پڻ بڻايو ويو ته 17 اپريل تي وڳڻ ۾ سنڌو بچايو سنڌ بچايو ڪانفرنس ۾ قمبر نصيرآباد وارھ سميت تمام تعلقن کي ڀرپور نموني شرڪت ڪن جڏهن ته 26 اپريل تي ضلعي هيڊ ڪوارٽر قمبر ۾ ڪئنالن خلاف رٿيل احتجاج واري پروگرام ۾ ڀرپور نموني سان شرڪت جو پابند بڻايو ويو،

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button